پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 63:
 
===انساني جسم کي نقصان ڏيندڙ ڏوھ===
ھي ڪوڊ جو سورھون باب آھي جنھن ۾ 299 کان 338 تائين قلم آھن. قلم 300 ۾ قتل عمد جي تعريف ۽ 302 ۾ ان جي سزا ڏنل آهي.قلم 304 کان قلم 314 تائين قصاص جا مختلف اصول بيان ٿيل آھن. قلم 315 کان قلم 322 تائين قتل جا ٻيا قسم : قتل شبيھ عمد، قتل خطا، قتل بسبب ۽ انھن جون سزائون بيان ٿيل آھن. قلم 323 ۾ ديت جو ملھ بيان ٿيل آهي. قلم 324 ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ان جي سزا، قلم 325 ۾ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي. قلم 330 ۾ ديت جي ورھاست جو طريقو، 331 ۾ ديت جي ادائيگي بيان ٿيل آهي. قلم 332 ۾ زخم جو تعارف ڏنل آهي. قلم 337 تائين زخمن جا قسم اتلاف عضو، اتلاف صلاحيت عضو ۽ شجہ جون تعريفون ۽ سزائون ڏنل آھن. قلم 338 ۾ اسقات حمل جي تعريف ڏنل آهي. ھن باب جا مٿيان بيان ڪيل قلم اصل ڪوڊ وارا ناھن اھي 1990 ۾ تقريبن سمورا ڪرمنل لا سيڪنڊ امينڊمينٽ ذريعي تبديل ڪري اسلامي قانون قصاص و ديت آرڊيننس 1990 سان مطابقت ۾ آندا ويا . سن کان علاوه ساڳي قانون تحت ھن باب م 337A کان 337Z تائين 26 قلم ۽ قلم 338A کان 338H تائين 8 ٻيا قلم پڻ ھن باب ۾ شامل ڪيا ويا يعني ثوٽل34 اضافي قلم شامل ڪيا ويا جن ۾ شجہ جي مختلف قسمن جون سزائون، جرح جي تعريف، جرح جائفہ، جرح غير جائفہ ۽ غير جائفہ جا مختلف قسم، غفلت واري ڊرائيونگ جي ڪري لڳل ڌڪ، غلطي يا خطا جي ڪري لڳل ڌڪ، زھر جي کائڻ سان نقصان، ۽ انھن ڏوھن جون سزائون جن م ارش، ضمان وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ اسقات حمل جي سزا، اسقات جنين جي تعريف ۽ سزا، وغيره پڻ شامل آھن
 
===ناحق روڪ ۽ ناحق بند===
===ملڪيت متعلق ڏوھ===