پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 48:
===ڪوڙي شاهدي ۽ انصاف متعلق ڏوھ===
ھي ڪوڊ جو يارھون باب آھي جنھن ۾ 191 کان 229 تائين قلم شامل آھن . آھي قلم يا سيڪشن ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ گھڙڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ جا ڏوھ، ڪوڙا سرٽيفڪيٽ صحيح ڪرڻ يا جاري ڪرڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ جا ڏوھ، شاھديون لڪائڻ جو ڏوھ، ڪورٽ ۾ ڪوڙيون دعوائون ۽ ڪوڙا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪرڻ جا ڏوھ، ڏوھارين کي پناھ ڏيڻ جو ڏوھ، ڪورٽ يا قانون جو حڪم نہ مڃڻ جو ڏوھ، قانوني حراست مان ڀڄي وڃڻ يا ڀڄائڻ يا غفلت ڪري ڀڄي وڃڻ جو موقعو ڏيڻ، قانوني حراست جي مزاحمت ڪرڻ وغيره جا ڏوھ شامل آهن.ھن باب جا اصل قلم برقرار آهن پر انھن ۾ بعد واري دور ۾ ڪجھ نوان قلم شامل ڪري اضافو ڪيو ويو آهي.1894 ۾ ايڪٽ 3 ذريعي قلم 216 A شامل ڪيو ويو جنھن تحت ڌاڙيلن ۽ ڊاڪن کي پناھ ڏيڻ تي ستن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا رکي وئي. ھڪ ٻيو قلم 216B به شامل ڪيو ويو جنھن ۾ پناھ ڏيڻ جو مطلب بيان ٿيل ھيو پر ان قلم کي بعد ۾ 1942 ۾ پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 8 ذريعي منسوخ ڪيو ويو.1886 ۾ ايڪٽ نمبر 10 ذريعي ٻہ نوان قلم 225A ۽ 225B جو اضافو ڪيو ويو جن مان 225A ڪنھن بہ آفيسر جو ڪنھن کي گرفتار ڪرڻ جي قانوني ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ، يا حراست مان ڀڄڻ ۾ مدد ڪرڻ جو ڏوھ شامل ڪري ان جي ٽي سال سزا يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.قلم 225B ۾ قانوني گرفتاري ۾ مزاحمت، يا گرفتاري کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ تي ڇھ مھينا قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.
=== سڪن ۽ ٽپال جي ٽڪلين متعلق ڏوھ===
اھو ڪوڊ جو ٻارھون باب آھي جنھن ۾ 230 کان وٺي 263 تائين قلم شامل آھن جيڪي سڪن ٺاھڻ جا اوزار وڪڻڻ ۽ ٺاھڻ متعلق ڏوھ، نقلي سڪا ٺاھڻ، سڪن جي درآمد يا برآمد ڪرڻ، ڪوڙا سڪا ھلائڻ يا قبضي ۾ رکڻ، ساڳيا ٽڪلين متعلق ڏوھ شامل آهن. ھن باب ۾ بعد ۾ قلم 263A شامل ڪيو ويو جنھن مطابق ٽپال واري ڪوڙي ٽڪلي ٺاھڻ تي بندش وجھي ان کي ڏوھ ۾ شامل ڪري سزا رکي وئي.