پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 37:
===امن امان ۾ خلل متعلق ڏوھ===
ھي ڪوڊ جو اٺون باب آهي جنھن ۾ 141 کان 160 تائين قلم شامل آھن جن ۾ غيرقانوني ميڙاڪي، فساد(riot)، حملن، جھڳڙي(affray) ۽ انھن ۾ شامل ٿيندڙن جي گڏيل ۽ انفرادي ذميدارين جي تعين ۽ سزائن جو ذڪر آهي.ھن باب ۾ 1962 جي آرڊيننس نمبر 70 ذريعي قلم 153A ۽ 153B شامل ڪيا ويا جن مان قلم 153A کي 1973 جي ڪرمنل امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 6 ذريعي تبديل ڪيو ويو.اھو مختلف گروپن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو ڏوھ آھي.153B ۾ شاگردن کي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت جي ترغيب کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ٻہ سال تائين قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.
 
==سرڪاري ملازمن جا ڏوھ==
ھي ڪوڊ جو نائون باب آھي جنھن ۾ 161 کان وٺي 171 تائين قلم شامل آھن جن ۾ سرڪاري ملازم جو رشوت وٺڻ جو ڏوھ، رشوت ۾ مدد ڪرڻ، سرڪاري ملازم جو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھ، سرڪاري ملازم جو ڪوڙا ڪاغذ ٺاهڻ، غير قانوني واپار ڪرڻ، غيرقانوني طور تي نيلام ۾ ٻولي لڳائڻ شامل آهن .نقلي سرڪاري ملازم ٿيڻ شامل آهن.ھن باب ۾ 1953 ۾ ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 37 تحت قلم 165A ۽ 1962 ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 59 تحت قلم 165B شامل ڪيو ويو.