پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 27:
ھي باب نمبر 5A آھي.اصل ۾ شامل نہ ھيو بلڪہ ڪرمنل لا (امينڊمينٽ) ايڪٽ نمبر 8 سال 1913 ذريعي ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن باب ۾
صرف ٻہ قلم 120A ۽ 120B شامل آھن.مجرماڻي سازش جي ڏوھ جي سزا قلم 120 B تحت سازش تحت ڪرايل ڏوھ جيتري سزا سازشي مجرم کي بہ لڳندي. جيڪڏهن سازش ڪنھن ڏوھ ڪرائڻ جي ناھي پر پوء بہ مجرماڻي ھجي تہ سازش ۾ شامل ھر شخص کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 6 مھينن تائين قيد جي سزا يا ڏنڊ جي سزا يا ٻئي سزائون ڏئي سگھجن ٿيون.
 
===رياست جي خلاف ڏوھ===
 
ھي ڪوڊ جو ڇھون نمبر باب آھي جنھن۾ اصل 121 کان 130 تائين قلم شامل آهن.جن ۾ رياست خلاف جنگ ڪرڻ يا ڪرائڻ يا اھڙي ڪوشش يا مدد جا ڏوھ، رياست جي خلاف ھٿيار گڏ ڪرڻ جو ڏوھ، يا انھن جي خبر ھوندي ان کي راز ۾ رکڻ جو ڏوھ، ، صدر يا گورنر تي حملي ڪرڻ جا ڏوھ، ڪنھن بہ دوست ملڪ جي خلاف جنگ ڪرڻ يا جنگ ۾ مدد ڪرڻ يا ان جي ڪوشش ڪرڻ جا ڏوھ، امن واري حالت ۾ ڪنھن بہ اتحادي جي علائقي ۾ غارت گري (depredation) ڪرڻ جو ڏوھ، ان غارت گري جي ڪا ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ڏوھ، ڪنھن سرڪاري ملازم پاران ڪنھن جنگي قيدي کي ڀڄائڻ جو ڏوھ، يا اھڙي غفلت جو ڏوھ ، يا ڀڳل جنگي قيدي کي پناھ ڏيڻ ۽ بچائڻ جو ڏوھ ۽ انھن ڏوھن جون سزائون ڏيکاريل آھن. ان کان علاوه بعد ۾ شامل ڪيل قلمن ۾ قلم 121A پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ 1870 تحت شامل ڪيو ويو جيڪو ملڪ جي خلاف جنگ ڪرائڻ جي سازش يا جنگ جي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي سازش يا جنگ ڪرائڻ ۾ مدد جي سازش متعلق آھي جنھن جي سزا عمرقيد يا 10 سال قيد کان مٿي قيد ۽ ڏنڊ آھي.1950 ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ تحت قلم 123A شامل ڪيو ويو جنھن تحت رياست جي قيام جي مذمت ۽ ان جي سالميت جي خاتمي جي وڪالت کي ڏوھ قرار ڏنو ويو . ساڳي قلم ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 2 سال 1992 تحت پاڪستان کي گار ڏيڻ ۽ پاڪستان جي نظريي جي مذمت ڪرڻ کي بہ ڏوھ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ انھن جي سزا ڏھ سالن تائين قيد رکي وئي. 1984 ۾ آرڊيننس نمبر 43 ذريعي قلم 123B ھن باب ۾ شامل ڪيو ويو جنھن تحت پاڪستان جي جھنڊي جي توھين، ان کي ساڙڻ، يا ڪنھن عمارت تان بنا ڪنھن اختيار جي ھٽائڻ کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ٽي سال قيد جي سزا يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.سال 1870 ۾ قلم 124A جو اضافو ڪري بغاوت جو ڏوھ شامل ڪيو ويو ۽ وري 1898 ۾ ان کي تبديل ڪري موجوده شڪل ۾ آندو ويو.1961 ۾ ان ۾ حڪومت متعلق ضروري ترميمون ڪيون ويون ۽ 1972 ۾ ان قلم ۾ سزا متعلق ضروري ترميم ڪئي وئي.