پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 23:
===ڏوھ ۾ مدد===
ھي ڪوڊ جو پنجون باب آھي جنھن ۾ 107 کان وٺي 120 تائين قلم شامل آهن. انھن ۾ قلم 108A جو بعد ۾ اضافو ڪيو ويو ھو. ھن باب ۾ ڏوھ ۾ مدد ڪرڻ يا ڏوھ جي سازش ڪرڻ يا ڏوھ جي ترغيب ڏيڻ جي معاملن جي تعريف ۽ سزائن جا تفصيل ڏنل اھن. سزا لاءِ اصول اھو آھي تہ ڏوھ م مدد ڪندڙ يا ڏوھ جي سازش ڪندڙ ۽ ڏوھ جي ترغيب ڏيندڙ ان ڏوھ جو اوترو ئي ذميدار آهي جيترو ڏوھ ڪندڙ تنھنڪري ان کي بہ ڏوھ ڪندڙ جيتري سزا ملندي. جيڪڏهن ڏوھ جي مدد يا ترغيب يا سازش ڪرڻ باوجود ڏوھ نہ ٿي سگھي تہ بہ مدد ڪندڙ ، سازشي يا شھ ڏيندڙ ان ناڪام ڪوشش جو ڏوھاري سمجھيو ويندو ۽ جي ان لاءِ جيڪڏهن ڪابہ سزا قانون ۾ ڄاڻايل نہ ھجي تہ کيس جيڪو ڏوھ ڪرائڻ چاهي پيو ان ڏوھ جي سزا جو چوٿون حصو سزا ڏني ويندي ۽ قلم 116 تحت ان تي فرد جرم عائد ٿيندو.
 
=== مجرماڻي سازش ===
ھي باب نمبر 5A آھي.اصل ۾ شامل نہ ھيو بلڪہ ڪرمنل لا (امينڊمينٽ) ايڪٽ نمبر 8 سال 1913 ذريعي ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن باب ۾
صرف ٻہ قلم 120A ۽ 120B شامل آھن.مجرماڻي سازش جي ڏوھ جي سزا قلم 120 B تحت سازش تحت ڪرايل ڏوھ جيتري سزا سازشي مجرم کي بہ لڳندي. جيڪڏهن سازش ڪنھن ڏوھ ڪرائڻ جي ناھي پر پوء بہ مجرماڻي ھجي تہ سازش ۾ شامل ھر شخص کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 6 مھينن تائين قيد جي سزا يا ڏنڊ جي سزا يا ٻئي سزائون ڏئي سگھجن ٿيون.