پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 17:
ھي ڪوڊ جو ٽيون باب آھي جنھن ۾ قلم 53 کان قلم 75 تائين قلم شامل آهن، جن مان قلم 56,58,59,61 ۽ 62 منسوخ ٿي چڪا آهن.قلم 55A ان ۾ شامل ڪري اضافو ڪيو ويو.ھن باب ۾ قلم 53 مطابق پاڪستان ۾ ڏھ قسم جون سزائون ڏئي سگھجن ٿيون جن ۾ قصاص، ديت، ارش، ضمان، تعزير، موت جي سزا، عمرقيد، قيد بامشقت يا بغير مشقت، ملڪيت جي ضبطگي ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آهن.قلم 54 تحت مرڪزي يا صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ ڪنھن بہ ڏوھاري جي موت جي سزا کي ڪنھن بہ ٻي قانوني سزا ۾ تبديل ڪري سگھي ٿي. پر خون جي ڏوھاري جي موت جي سزا حڪومت مقتول جي وارثن جي رضامندي کانسواءِ نہ ٿي بدلائي سگھي.قلم 55 مطابق صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ عمر قيد جي سزا کي 14 سالن جي قيد جي سزا ۾ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي.1972 جي قانوني سڌارن ۾ قلم 55A شامل ڪري صدر کي خاص اختيار ڏنو ويو تہ ھو ڪنھن بہ ڏوھاري جي سزا معاف ڪري يا گھٽائي يا ختم ڪري سگھي ٿو .1997 ۾ ترميم ڪري قصاص ۽ ديت جي ذمري يا باب 16 ۾ ڏيکاريل ڏوھن جي ڏوھاري جي سزا معاف ڪرڻ يا ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ان خاص اختيار کي مقتول ي جي وارثن ۽ ڏوھ جي شڪار شخص جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو.قلم 57 تحت عمر قيد جي سزا 25 سال قيد جي سزا جي برابر قرار ڏني وئي. قلم 63 مطابق جتي ڏنڊ جي سزا ۾ ڏنڊ جي رقم قانون نہ ڏني آھي اتي ڏنڊ جي رقم لامحدود سمجھي ويندي پر اھو خيال ھجڻ کپي تہ ان ڏنڊ جي رقم وڏي رکڻ سان ڪا زيادتي بہ نہ ٿئي.
 
===عام استثنائون===
ڪوڊ جو باب چوٿون ڏوھن بابت عام استثنائن جي باري ۾ آهي جنھن ۾ 76 کان وٺي 106 تائين قلم شامل آھن.ھنن قلمن کي فوجداري قانون جي بنيادي متن (maxims) ۽ اصولن (principles) تحت جوڙيو ويو آھي ۽ 1860 کان وٺي انھن ۾ ڪا بہ ڦيرڦار نہ ٿي آھي. استثنا جو مطلب آھي ڇوٽ. ڏوھن ۾ استثنا جو مطلب آھي تہ استثنا وارو شخص ڄاڻايل ڏوھ ڪري تہ ان کي ڏوھاري نہ سمجھيو ويندو نہ وري ان ڏوھ جي کيس سزا ملندي.استثنا جن اصولن جي بنياد تي ڏني وئي آھي اھي پوري دنيا ۾ مڃيل آھن . قلم 76 مطابق ڪوبہ عمل جنھن جي ڪرڻ لاء ڪوئي قانون تحت پابند آھي ان جي ڪرڻ جي نتيجو جيڪڏهن ڪوڊ ۾ ڄاڻايل ڪنھن ڏوھ ۾ اچي ٿو تہ عمل ڪندڙ کي ان ڏوھ کان استثنا آھي.مثال ڪو سپاھي پنھنجي بالا آفيسر جي حڪم تحت فسادي ھجوم تي فائر ڪري ٿو تہ ان سپاھي کي استثنا ملندي. اھڙي عمل ۾ جيڪڏهن ڪا حقيقت ۾ غلطي بہ ٿئي تہ بہ ڇوٽ برقرار رھندي سواءِ تڏهن جو اھا غلطي قانون جي ھجي.قانوني غلطي سان ڇوٽ ختم ٿي ويندي.قلم 77 مطابق ھر جج کي عدالتي ڪم ڪرڻ دوران نيڪ نيتي سان ٿيل غلطي جيڪا ھن ڪوڊ جي ڪنھن ڏوھ ۾ شمار ٿئي تہ کيس ان ڏوھ کان استثنا مليل آهي.قلم 78 مطابق ڪورٽ جي ڪنھن بہ حڪم يا فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ جيڪڏهن ڪو اھڙو عمل ٿي وڃي جيڪو ھن ڪوڊ مطابق ڏوھ جي ذمري ۾ اچي تہ ان جي استثنا آھي.قلم 79 مطابق جيڪڏهن ڪو بہ ماڻھو اھڙو عمل ڪري جنھن جو قانوني جواز ھجي پر ان ڪرڻ سان ڪوڊ جي ڪنھن ڏوھ جي ذمري ۾ اچي تہ ان ماڻهوءَ کي استثنا ملندي. مثال A ڏسي ٿو تہ Z خون ڪيو آهي ۽ A ان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري تہ ان پڪڙڻ جي عمل ھر ڏوھ جھڙو ڪم استثنا ۾ اچي ويندو.قلم 80 مطابق جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ جو عمل حادثاتي يا بدقسمتي ذريعي ٿئي ۽ ان ٿيڻ کان اڳ ان عمل ڪرڻ جو نہ ان جي مجرماڻي نيت ھجي نہ وري کيس ڄاڻ ھجي پر اھو اتفاقن ٿئي تہ اھو عمل استثنا ۾ ايندو.مثال ڪوئي ماڻھو ڪھاڙي سان وڻ وڍيندو ھجي ۽ اچانڪ ڪھاڙي جو مٿو ڳن مان نڪري ڪنھن ماڻھوءَ کي لڳي ۽ اھو زخمي ٿئي يا مري پئي تہ وڻ وڍيندڙ کي استثنا ملندي ڇوتہ ايئن ٿيڻ صرف حادثي ۽ قسمت جي ڪري سمجھيو ويندو.قلم 81 مطابق ڪوبہ ڪم ڀلي سوچي سمجھي ڪيو وڃي جنھن سان ڪنھن ٻئي کي نقصان ٿئي يا ٻئي کي نقصان پھچڻ جو انديشو ھجي، جيڪڏهن ايئن ڪرڻ ۾ ڪا مجرماڻي نيت شامل ناھي ۽ اھو عمل ڪنھن ٻئي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيو وڃي تہ ان عمل ڪندڙ کي استثنا ھوندي. مثال اگر ڪٿي ڪا باھ لڳي ٿي ۽ اھا ڦھلجڻ شروع ڪري ٿي تہ ان باھ کي اڳتي روڪڻ لاءِ اگر ڪنھن جو گھر ڊاٿو وڃي ٿو تہ استثنا ۾ اچي ويندو.قلم 82 مطابق ستن سالن کان گھٽ عمر جي ٻار کي ھر ڏوھ ۾ ايندڙ فعل ڪرڻ تي استثنا آهي.قلم 83 مطابق ھر ٻار جنھن جي عمر ستن کان ٻارھن سالن تائين آھي ۽ ان ۾ سوچ سمجھ جو فقدان ھجي تہ کيس استثنا ملندي. قلم 84 مطابق ذھني طور تي پاڳل کي ھر ڏوھ ۾ استثنا آهي.قلم 85 ۽ 86 جيڪڏهن ڪنھن کي ان جي مرضي جي خلاف نشو ڏنو ويو ھجي ۽ نشي واري حالت جنھن ۾ ھو سمجھ جي قابل نہ رھي ۽ ان کان ڪو ڏوھ ٿي وڃي تہ کيس استثنا ملندي.قلم 87 مطابق جيڪڏهن ڪو 18 سال يا وڏي عمر وارو پنھنجي مرضيءَ سان ٻئي کي ڪنھن اھڙي عمل جي اجازت ڏني ٿو جنھن سان کيس نقصان بہ ٿي سگھي ٿو ۽ جي کيس نقصان رسيو تہ نقصان پھچائڻ واري کي استثنا ملندي. ھي قلم راندين متعلق آھي. جيڪڏهن ڪنھن رانديگر کي ٻئي رانديگر ھٿان ڪو ڌڪ لڳي ويو تہ اھو ڏوھ جي ذمري ۾ نہ ايندو. قلم 88 مطابق اھڙو عمل جنھن جي ڪرڻ ۾ مارڻ يا نقصان پھچائڻ جي نيت نہ ھجي ۽ جنھن کي نقصان ٿيو ھجي ان جي فائدي لاءِ ان جي مرضي سان ڪيو ويو ھجي تہ استثنا ۾ ايندو. ھي استثنا گھڻي ڀاڱي ڊاڪٽرن جي تحفظ لاءِ آھي . ڊاڪٽر آپريشن ڪرڻ وقت مريض کي بچائڻ يا فائدو ڏيڻ جي نيت رکندو آهي ۽ مريض جي رضامندي سان ڪندو آھي پر جي ان سان ڪو مريض کي نقصان ٿي پئي تہ ڏوھ نہ چئبو.قلم 89 مطابق جيڪڏهن مريض ٻار آھي ۽ ان جي آپريشن وغيره جي اجازت ان جي فائدي لاء سندس پيءُ يا سنڀاليندڙ ڏئي تہ نقصان جي صورت ۾ پيء يا سنڀاليندڙ کي استثنا ملندي.قلم 90 مرضي بابت آھي تہ ڪنھن بہ ماڻھو جي خوف ۽ ڌوڪي سان ورتل مرضي جي قانوني حيثيت ناهي ،ساڳي طرح ذھني طور تي مفلوج ماڻھو يا ٻار جي مرضي جي بہ ڪا قانوني حيثيت ناهي.قلم 91 مطابق بہ لفظ مرضي جي باري ۾ وضاحت متعلق آھي. قلم 92 مطابق ڪوبہ عمل ڪنھن ماڻھوءَ جي مرضي کانسواءِ ڪجي تہ جيئن کيس عمل ڪندڙ ڪا ڀلائي ڪري ۽ جي ان عمل سان ڪو نقصان ٿئي تہ استثنا ۾ ايندو. مثال ڪو ماڻهو گھوڙي تان ڪري بيھوش ھجي ان جي جان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر مرضي وٺڻ کانسواءِ سرجري ڪري تہ نقصان جي صورت ۾ ڊاڪٽر کي استثنا ملندي.قلم 93 مطابق اھڙي گفتگو جنهن ۾ نيڪ نيتي ھجي تہ ان سان ڪنھن بہ نقصان تي استثنا ھوندي. مثال ڊاڪٽر مريض کي ٻڌائي ٿو تہ کيس ڪينسر آھي ۽ بچڻ جو امڪان ڪانھي ۽ جي ان گفتگو جي ڪري صدمي ۾ اھو مري وڃي تہ ڊاڪٽر کي استثنا ملندي.قلم 94 تحت خون يا موت جي سزا واري ڏوھن کان سواءِ ڪوبه ڏوھ ڪنھن ماڻھوءَ کان مارڻ جي خوف وغيره ۾ وجھي ڪرايو وڃي تہ ان مجبور ڏوھ ڪندڙ کي استثنا ملندي. قلم 95 مطابق ڪنھن بہ معمولي نقصان وارو عمل ڏوھ جي ذمري ۾ نہ ايندو.