محمد علي جناح: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 70:
==وڪالت ۽ سياست==
ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪيائين پر اتي ھن جي پريڪٽس ڪاميابي سان نہ ھلي سگھي جنھن ڪري 1896 ۾ بمبئي منتقل ٿي ويو جتي آل انڊيا ڪانگريس ۾ شرڪت اختيار ڪيائين.
ڇهن مهينن لاءِ [[بمبئي]] جو پريزيڊينسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اها نوڪري سندس طبيعت مطابق نه هئي تنهنڪري ان کان عليحدگي اختيار ڪري بيرسٽري اختيار ڪيائين.ھن بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شرڪت اختيار ڪئي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو بہ ساڳي وقت رڪن ٿيو. 1911 ۾ الھہ آباد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1912 ۾مسلم ليگ جي ڪلڪتي واري سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 1916 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جا اجلاس لکنو ۾ ٿيا جتي ٻنھي جو پاڻ ۾ معاھدو ٿيو جيڪو لکنو پيڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو.ٻنھي پارٽين جي ان اتحاد جي ڪاميابي تي جناح کي "امن جي سفير" جو خطاب مليو. 1920 ۾ قائداعظم انڊين نيشنل ڪانگريس کان علحده ٿي آل انڊيا مسلم ليگ جو قائد ٿي ويو.1927 ۾ ڪلڪتي جي اجلاس ۾ پنھنجي سياسي جدوجھد جو آغاز ڪيائين.1929 ۾ محمد علي جوهر سان گڏجي 14 نڪتا پيش ڪيائين.1930 ۾ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ مسلمانن طرفان موقف واضح ڪيائين.چار سال لنڊن ۾ قيام بعد 1936 ۾ بمبئي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس۾شرڪت ڪيائين. 1937 ۾ مسلم ليگ کي اليڪشن ۾ شرڪت جو مشورو ڏنائين ۽ انھيءَ سال لکنو جي اجلاس ۾ شريڪ ٿي علحده ملڪ جو خيال ڏنائين
23 مارچ 1940 لاھور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحدہ ملڪ ٺھڻ لاء قرارداد پاس ٿي.1945 ۾ شملہ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1946 ۾ لنڊن روانو ٿيو.اپريل 1947 ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن سان مذاڪرات ڪيائين.3 جون 1947 تي ھندوستان جي تقسيم جو اعلان ڪيو ويو. 7 آگسٽ 1947 ۾ بطور گورنر جنرل پاڪستان آيو.9 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جو افتتاح ٿيو ۽14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جو قيام ٿيو.
 
 
==پاڪستان جي لاءِ جدوجھد==