پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 15:
 
===سزائون===
ھي ڪوڊ جو ٽيون باب آھي جنھن ۾ قلم 53 کان قلم 75 تائين قلم شامل آهن، جن مان قلم 56,58,59,61 ۽ 62 منسوخ ٿي چڪا آهن.قلم 55A ان ۾ شامل ڪري اضافو ڪيو ويو.ھن باب ۾ قلم 53 مطابق پاڪستان ۾ ڏھ قسم جون سزائون ڏئي سگھجن ٿيون جن ۾ قصاص، ديت، ارش، ضمان، تعزير، موت جي سزا، عمرقيد، قيد بامشقت يا بغير مشقت، ملڪيت جي ضبطگي ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آهن.قلم 54 تحت مرڪزي يا صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ ڪنھن بہ ڏوھاري جي موت جي سزا کي ڪنھن بہ ٻي قانوني سزا ۾ تبديل ڪري سگھي ٿي. پر خون جي ڏوھاري جي موت جي سزا حڪومت مقتول جي وارثن جي رضامندي کانسواءِ نہ ٿي بدلائي سگھي.قلم 55 مطابق صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ عمر قيد جي سزا کي 14 سالن جي قيد جي سزا ۾ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي.1972 جي قانوني سڌارن ۾ قلم 55A شامل ڪري صدر کي خاص اختيار ڏنو ويو تہ ھو ڪنھن بہ ڏوھاري جي سزا معاف ڪري يا گھٽائي يا ختم ڪري سگھي ٿو .1997 ۾ ترميم ڪري قصاص ۽ ديت جي ذمري يا باب 16 ۾ ڏيکاريل ڏوھن جي ڏوھاري جي سزا معاف ڪرڻ يا ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ان خاص اختيار کي مقتول ي جي وارثن ۽ ڏوھ جي شڪار شخص جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو.قلم 57 تحت عمر قيد جي سزا 25 سال قيد جي سزا جي برابر قرار ڏني وئي. قلم 63 مطابق جتي ڏنڊ جي سزا ۾ ڏنڊ جي رقم قانون نہ ڏني آھي اتي ڊنڊڏنڊ جي رقم لامحدود سمجھي ويندي پر اھو خيال ھجڻ کپي تہ ان ڏنڊ جي رقم وڏي رکڻ سان ڪا زيادتي بہ نہ ٿئي.