پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''پاڪستان پينل ڪوڊ''': ''پاڪستان جو تعزيري ضابطو'': '''ضابطہ تعزیرات پاکستان''':'''تعزيرات پاڪستان''': '''Pa...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 5:
==تاريخ==
ھن ڪوڊ [[لارڊ ميڪائولي]](Lord Macaulay) جو لکيل آهي. برٽش انڊيا جي ڪمپني سرڪار ملڪ اندر قانون سازي لاء پھرين لا ڪميشن لارڊ ميڪائولي جي سربراهي ۾ جوڙي ھئي جنھن جا ميمبر [[ميسرز ميڪليئوڊ]] (Messrs MacLeod), [[اينڊرسن ]](Anderson) ۽ [[مليٽ]] (Millett) ھيا. ڪميشن ڊرافٽ 1837 ۾ انڊيا جي گورنر جنرل جي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو جيڪو نظرثاني لاء [[سر بارنز پيڪاڪ ]](Sir Barnes Peacock) ۽ ٻين جي آڏو پيش ڪيو ويو نيٺ 1850 ۾ ان کي مڪمل ڪري 1856 ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 6 آڪٽوبر 1860 ۾ لاڳو ڪيو ويو.اھڙي طرح ھن ڪوڊ جو ڊرافٽ 1937 ۾ تيار ٿيڻ جي باوجود [[ايسٽ انڊيا ڪمپني]] جي سرڪار 23 سال جي عرصي بعد لاڳو ڪيو.
 
==ڪوڊ جو جائزو==
ھن ڪوڊ جا اصل سيڪشن يا قلم 511 آھن جن ۾ وقت بہ وقت ترميمن ذريعي ڪمي بيشي ٿيندي رھي آھي.اصل بابن (Chapters) جو تعداد 23 آهي جن ۾ بہ وقت بہ وقت ڪمي بيشي ترميمن ذريعي ٿيندي رھي آھي.
===تعارف===
ھي ڪوڊ جو پھريون باب آھي .ھن باب ۾ ڪوڊ جو تعارف ڏنل آهي۽ ان ۾ پنج قلم يا سيڪشن آھن. پھريون قلم تمھييد (preamble) متعلق آھي جنھن مطابق ھي قانون ملڪ جو ھڪ عام تعزيري يا سزائن وارو قانون آھي.قلم 2 مطابق ھي قانون پوري پاڪستان ۾ لاڳو ٿيل آهي.قلم 3 پاڪستان کان ٻاهر ڏوھ ٿيڻ جي صورت ۾ ڏوھاري خلاف پاڪستان ۾ مقدمو ھلائڻ بابت آھي. ھر ملڪ جو بحري جھاز ان ملڪ جو ترندڙ ٻيٽ تصور ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ ملڪ جو قانون لاڳو ٿئي ٿو . جيڪڏهن پاڪستان جو بحري جھاز يورپ جي ڪنھن ساحل لڳ موجود ھجي ۽ ان تي جيڪڏهن ڪو ڏوھ ٿيندو تہ ان ڏوھاري تي پاڪستان جو ھي قانون لاڳو ٿيندو ۽ اھو ڏوھ پاڪستان جي حدن اندر تصور ڪيو ويندو ۽ مقدمو پاڪستان جي عدالت ۾ ھلندو.قلم 4 مطابق ھي قانون پاڪستان جي ھر ملازم تي لاڳو ٿئي ٿو پوء کڻي اھو پاڪستان ۾ ھجي يا پاڪستان کان ٻاهر ان سان ڪو فرق نہ ٿو پئي. قلم 5 مطابق ھن عام قانون جي لاڳو ٿيڻ سان ٻيا خاص قانون متاثر نہ ٿيندا.
=== عام تعريفون ===
ھي ڪوڊ جو ٻيون نمبر باب آھي جنھن ۾ قلم 6 کان 52 تائين مختلف لفظن جون قانوني تعريفون بيان ڪيل آھن.جن ۾ قلم 16,13,15,۽ 18 منسوخ ٿي چڪا آھن ۽ قلم 52A اضافي شامل ڪيو ويو آهي. ھن باب ۾ جنس، تعداد، شخص، عورت، مرد، رياست جو ملازم، جج، ڪورٽ آف جسٽس، پبلڪ سرونٽ، منقولہ ملڪيت، ناجائز فائدو، ناجائز نقصان، بي ايماني، دوکي، جعلسازي، دستاويز، ملھ واري سيڪيورٽي، عمل ، ڪوتاھي ۽ ٻين لفظن جون قانوني تعريفون بيان ٿيل آھن.