تارو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
بهتري
مواد
سِٽَ 1:
[[File:Car.png|thumb|تارا]]
'''تارو''' (star) رات جو آسمان ۾ چمڪندڙ ٽٻڪن کي تارو چيو ويندو آھي. تارا ڌرتيءَ کان تمام گھڻي مفاصلي تي آھن. [[سج]] ڌرتيءَ کي سڀ کان ويجھو تارو آھي. تارا هائڊروجن (Hydrogen) ۽ هيليم (Helium) گيس جا ٺهيل هوندا آهن. انهن جي مرڪز ۾ گرمي پد ڪجهه ڪروڙ ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. ايتري گرمي هجڻ جي ڪري هائڊروجن جو فيوزن ري ايڪشن ٿيندو آهي، يعني هائڊروجن جا نيوڪليس پاڻ ۾ ضم ٿي هيليم جا نيوڪليس ٺاهيندا آهن، جنهن سان تمام گھڻي توانائي خارج ٿيندي آهي. اها توانائي ئي پوءِ روشنيءَ جي صورت ۾ تاري مان ٻاهر نڪرندي آهي. تارن جي سطح تي گرمي پد مرڪز جي ڀيٽ ۾ گھڻو گھٽ هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ڪجهه هزار ڊگري سينٽي گريڊ ئي هوندو آهي.
 
ڪائنات جي بگ بينگ سان شروعات ٿيڻ کانپوءِ ستت ئي تمام وڏي مقدار ۾ هائڊروجن ۽ هيليم عنصر ٺهيا. جڏهن ڪائنات ڦهلجي وڏي ٿي ۽ نتيجي ۾ ٿڌي به ٿي تڏهن انهن عنصرن ڪشش ثقل جي زير اثر پهريان تارا (First Generation Stars) ٺاهيا. تارا جڏهن هائڊروجن استعمال ڪري چڪندا آهن ته پوءِ وري هيليم فيوز ڪري بيريليم (Beryllium) ۽ ڪاربان (Carbon) وغيره ٺاهيندا آهن. هيليم جي خاتمي کانپوءِ ڪاربان ۽ ٻيا عنصر جيڪي تارن ۾ ئي ٺهيا انهن کي فيوز ڪندا آهن ۽ آڪسيجن (Oxygen) ۽ ٻيا عنصر ٺاهيندا آهن. اهو چڪر ائين هلندو رهندو آهي ۽ لوهه (Iron) جي ٺهڻ تي ختم ٿيندو آهي. هن اسٽيج تي تاري جي مرڪز ۾ لوهه ۽ ٻاهرين تهن () ۾ مٿي بيان ڪيل عنصر هوندا آهن، ڇو ته مٿين تهن ۾ گرمي پد گھٽ هجڻ ڪري فيوزن ري اڪشن نه ٿيندو آهي. لوهه تمام اسٽيبل (stable) هجڻ جي ڪري مرڪز ۾ به فيوز نه ٿيندو آهي. نتيجي ۾ تارو ٿڌو ٿيندو آهي. ٿڌي ٿيڻ جي ڪري ڪشش ثقل غالب اچي ويندي آهي ۽ تارو تمام جلدي سڪڙجي تباهه ٿي ويندو آهي. ان عمل کي رسپر نووا ڌماڪو (Supernova Explosion) چئبو آهي. سڪڙجندي تاري جي مرڪز ۾ گرمي پد يڪدم وڌي ويندو آهي ۽ تمام تيزي سان لوهه جي فيوزن به شروع ٿي ويندي آهي. لوه جي فيوزن سان ئي وڏا عنصر جھڙوڪ چاندي، سون، جست، پارو وغيره ٺهندا آهن. هي عمل ايترو تيزي سان ٿيندو آهي جو ٻاهريان تهه گرمي پد جي شديد واڌ جي ڪري تيزي سان پري اڇلجي ويندا آهن ۽ تاري پنهنجي عمر ۾ جيڪي عنصر ٺاهيا هوندا آهن اهي به خلا ۾ پکڙجي ويندا آهن. تاري جا صفا اندريان تهه نيوٽران تاري (Neutron Star) يا بليڪ هول (Blackhole) ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ تارو گم ٿي ويندو آهي.
 
اسان جو سج دير سان ٺهيل (Second Generation Star) تارو آهي جيڪو 5 ارب سال اڳ ٺهيو. سج سان گڏ زمين ۽ ٻيا گرهه (Planets) به ٺهيا. پهرين جنريشن جي تارن جا ٺاهيل عنصر سج، زمين ۽ ٻين گرهن کي ورثي ۾ مليا. اڄ زمين تي موجود سون، چاندي، ٽامو، جست ۽ ٻيا عنصر پهرين جھنريشن جي تارن جا ٺاهيل آهن. جانورن ۽ انسان جو رت ڳاڙهو به هڪ ڪيميائي مواد هيمو گلوبن (Haemoglobin) جي ڪري هوندو آهي. هيمو گلوبن ۾ موجود لوهه به انهن پهرين جنريشن جي تارن جو ٺاهيل ئي آهي.
 
== حوالا ==