ڪهڪشان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
درستگي
درستگي
سِٽَ 1:
{{About|فلڪيات|ٻين استعمال|ڪهڪشان (سلجهائپ)}}
[[File:M101 hires STScI-PRC2006-10a.jpg|thumb|هي هڪ اسپائرل گيليڪسي [[NGC 5457]]، جنهن کي پن ويل گيليڪسي (Pinwheel Galaxy) به چئبو آهي، جي تصوير آهي، جيڪا [[هبل اسپيس ٽيليسڪوپ]] سان ورتي وئي.]]
ڪهڪشان يا گيليڪسي (Galaxy) [[تارو|تارن]]، گيس، تارن جي وچ ۾ موجود مواد (Intersteller Medium) ۽ [[تاريڪ مادي]] (Dark Matter) جي گڏيل مواد کي چئبو آهي. اهي سڀئي [[ڪشش ثقل]] (Gravity) جي زير اثر گڏيل رهندا آهن. [[سج]] به هڪ ڪهڪشان ۾ موجود هڪ تارو آهي. آسان جي ڪهڪشان کي کير ڌارا ڪهڪشان چئبو آهي. ڪائنات ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه سئو ارب ڪهڪشان آهن. انهن مان ڪي ننڍا ته ڪي تمام وڏا آهن. ننڍن ڪهڪشانن ۾ ڪجهه ڪروڙ تارا هوندا آهن، جڏهن ته وڏن ڪهڪشانن سئو کرب تارا هوندا آهن. کير ڌارا ڪهڪشان ۾ ٻه کان ٽي کرب تارا آهن. تارا ۽ ڪهڪشان ۾ موجود ٻيو مواد ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪندا آهن. اڪـثر ڪهڪشانن جي مرڪز ۾ تمام وڏو [[بليڪ هول]] (Supermassive Black Hole) موجود هوندو آهي. اڪثر ڪهڪشان 3000 کان 300،000 [[نوري سال]] قطر جا هوندا آهن. هڪ نوري سال اهو فاصلو آهي جيڪو روشني هڪ سال ۾ طئه ڪندي آهي ۽ ساڍا چورانوي کرب ڪلوميٽر جي برابر هوندو آهي. کير ڌارا ڪهڪشان جو قطر لڳ ڀڳ هڪ لک کان ٻه لک نوري سال آهي.