اسرائيل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 89:
نسبتن ننڍي ايراضي جي باوجود اهو جاگرافيائي طور تي اَنيڪ بناوٽ رکي ٿو. اسرائيل جو مالي ۽ ٽيڪنالوجي جو مرڪز تَل اَويوو آهي. توڻي جو ان جو اعلانيل گاديءَ جو هنڌ يوروشيلم آهي، پر ان تي، بين الاقومي طور تي اسرائيلي خودمختاري مڃيل نه آهي.
 
== اسرائيل ھڪ مذھبي يا سيڪيولر ملڪ ==
عالمي سامراجي طاقتن: يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ٻن سببن جي ڪري اسرائيل جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو: يھودي مذھب سان تعلق رکندڙ آبادي جيڪا دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل ھئي انھن کي وطن ڏيڻ؛ ۽ وچ اوڀر ۾ طاقت جو اھڙو مرڪز قائم ڪرڻ جنھن ذريعي خطي کي ڪنٽرول ڪري سگھجي. اسان ۾ ھڪ مغالطو عام آهي تہ اسرائيل ھڪ يھودي رياست آھي. در اصل ايئن ناهي . اسرائيل ھڪ سيڪيولر رياست آھي جنھن جو ڪو مذهب ڪونہ ھوندو آھي ۽ ان جو تعليمي نظام مذھبي اثر کان آزاد ھوندو آھي. اسرائيل پاڪستان، سعودي عرب ۽ ايران وانگر مذھبي رياست ناھي پر اھا دنيا اندر يھودي مذھب سان تعلق رکندڙن جي دنيا ۾ واحد رياست آھي. جڏهن اسان يورپ جي رياستن ڊين مارڪ، سوئٽزرلينڊ، اٽلي، جرمني وغيره جو ذڪر ڪنداسين تہ اھي اسان لاءِ عيسائين جا ملڪ آھن پر انھن جون رياستون سيڪيولر آھن . ملائيشيا، ترڪي ، البانيہ ۽ بوسينيا ھرزگوينيہ مسلمانن جا ملڪ آھن پر انھن جون رياستون سيڪيولر آھن. ساڳيو حال اسرائيل جو آھي جتي مسلمان پڻ رھن ٿا ۽ اتان جا رياستي ادارا ۽ تعليمي نظام مذھب جي تعصب کان آزاد آهن. اتان جي يھودين جو اڌ کان وڌيڪَ حصو بہ سيڪيولر خيالن جو اھي رڳو 13 سيڪڙو يھودي ڪٽر مذهبي خيال وارا آھن باقي لبرل آھن . عالمي طاقتن ھن ملڪ جي ھر طرح مالي مدد ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي سان ھن ملڪ کي ھڪ ترقي يافتہ ملڪ بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسرائيل ھڪ ماڊرن رياست بڻجي وئي. اسلامي دنيا ۾ مذھبي دانشور ھن رياست کي مذھبي رياست متعارف ڪرائي يھوديت ۽ اسلام جي ٽڪراء جو تاثر پيدا ڪندا آهن جيڪو حقيقتن جي منافي آھي. يھودي مذھب ۾ آخرت جي جنت ۽ دوزخ جي دائمي زندگي جو تصور ناھي. توريت ۽ يھودين جي تلمود سميت ٻين صحيفن ۾ جنت جو تہ محدود ذڪر آھي جنھن ۾ آدم ۽ ايو Eve يا حوا کي جنت ۾ رھندي ۽ پوء کين سزا طور نيڪال ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي پر انسان حساب ڪتاب کان پوء جنت ۽ دوزخ ۾ دائمي زندگي گذاريندا اھو خيال اسلام جو آھي . يھودي عقيدي مطابق مرڻ کان پوء يارھن مھينا روح جي صفائي ٿيندي آهي جنھن بعد ڀلو روح خدا ۾ ضم ٿي ويندو آهي ۽ بدي وارو ھميشہ لاءِ فنا ٿي ويندو آهي. يھودين جي زندگي سزا جزا جي خيال جي چرخي ۾ ناھي گذرندي پر اھي دنيا اندر زندگي کي جنت بڻائڻ واري خيال وارا آھن. صيھونيت جي تحريڪ بہ اھڙي سيڪيولر ملڪ لاء ھئي جيڪو جديد ۽ ترقي يافتہ سيڪيولر ملڪ جتي يھودي رھي ڪري پنھنجي جنت قائم ڪري ان جا حاڪم ٿين. انھن جو يھوديت جو خيال ھڪ قوم مثل آھي جيئن پاڪستان ٺھڻ ۾ مسلم قوم جو خيال ڏنل ھو تيئن صيھوني سياسي تحريڪ بہ يھودين کي ھڪ قوم تصور ڪندي سوين سال اڳ واري زمين تي آباد ٿي رياست جي قيام لاء جدوجھد جو خيال ڏنو.يھودي مذھب تبليغ جي خلاف آھي ۽ ان ۾ ڪنھن بہ مذھب يا غير يھودي جي داخلا جي ڪا گنجائش ناھي انھن جو مذھب انھن جي نسل تائين محدود آھي جيڪو انھن ۾ پيدا ٿيندو تہ اھو انھن جي مذھب ۾ اچي ويندو .