اسرائيل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 96:
اسرائيل 1949 ۾ قيام وقت]]
تڏهن کان پاڙيسري عرب رياستن سان جنگين جي سلسلي ۾ اولهه ڪناري (ويسٽ بينڪ)، سينائي اُپٻيٽ (1956–57، 1967–82) ۽ ڏکڻ لبنان جي ڪجهه حصي (1982–2000)، غزا جي پَٽي (1967–2005); تي قبضو ڪري ورتو، 2005ع کان پوءِ غزا جي پٽيءَ کي ڇڏڻ کان پوءِ به، غزا ۽ گولان جبلن تي ان جو قبضو تصور ڪيو وڃي ٿو. اسرائيل گولان جي جبلن ۽ اوڀر يوروشيلم تائين پنهنجي اختيارن کي وڌائي ڇڏيو آهي پر اولهه جي ڪناري (ويسٽ بينڪ) تي پنهنجي اختيارن کي عمل ۾ نه آندو آهي. اسرائيل فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو ڪڏهن به امن جي صورت ۾ نه نڪتو آهي. تنهن هوندي به اسرائيل ۽ مصر ۽ اردن، ٻنهي سان امن معاهدن تي ڪاميابيءَ سان صحيون ڪري چڪو آهي. غزه، اولهه جي ڪناري ۽ اوڀر يوروشيلم تي اسرائيلي فوجي قبضو، جديد دور جي دنيا جو ڊگهو ترين قبضو آهي.
 
==جاگرافي==
اسرائيل جي دنيا جي نقشي م بيھڪ يا محل وقوع 31 30 N, 34 45 E مڊل ايسٽ ۾ آھي.ان جي پکيڙ 20,770 s ھم چورس ڪ.م.جنھن مان 20,330ھم چورس ڪ.م خشڪي ۽ 440 پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ 154 نمبر تي آهي. ان جي سرحدي ڊيگھ 1,068 km آھي جيڪا 6 ملڪن سان ملي ٿي. جنھن ۾ مصر سان 208 ڪ.م، غزا جي پٽي سان 59 ڪ.م، اردن 307 ڪ.م ، لبنان سان 81 ڪ.م، شام سان 83 ڪ.م، ويسٽ بينڪ سان 330 ڪ.م ۽ سامونڊي ساحل واري سرحد 273 ڪ.م آهي. ان جو سڀ کان ھيٺاھون ھنڌ بحريہ مردار Dead Sea آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 431 ميٽر ھيٺ آھي ۽ اوچو مقام ھار ميرون Har Meron آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 1208 ڪ.م مٿي آهي.
اسرائيل جا معدني ذخيرا ڪچو ٽامو، قدرتي گيس، فاسفيٽ، ميگنيشيم برومائيڊ آھن. ھتان جي %23.8 سيڪڙو زمين تي زراعت ٿيندي آهي<ref>{cite web|url= https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/is.html}</ref>
 
== آبادي ==