سنڌو ديش: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 20:
________________________________________________________________________________________________________
 
جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ٻہ قومي نظريي جو حامي ھيو ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جي ٻن ميمبرن ۾ پڻ شامل ھيو . قائداعظم سان سندس محبت جي انتھا ايتري قدر ھئي جو سنڌ اسيمبلي ۾ قائداعظم تي قاتلاڻي حملي جي افواھ ٻڌڻ تي صدمو رسڻ ڪري بي ھوش ٿي ويو ھو . ھن جي جدوجھد سان پھريون دفعو برٽش انڊيا ۾ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قيام لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. ان وقت سنڌ م ھندن جي تعصب جي خلاف مسلمانن کي متحد ڪندڙ سن جي ھن سيد مسجد منزل گاهه تحريڪ جي بہ قيادت ڪئي جنھن جي نتيجي م سکر ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا ۽ ھڪ ھزار کان مٿي سنڌي ھندو مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ پورو سکر شھر تباهي جي ور ٿي ويو جنھن جي جاچ لاءِ انگريز سرڪار ھڪ ٽربيونل پڻ جوڙيو جنھن جا تفصيل پير علي محمد راشديءَ پنھنجي ڪتاب اھي ڏينھن ۽ اھي شينھن ۾ ڏنو آھي. 1946 م جي ايم سيد جا قائداعظم سان اختلاف اليڪشن م پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي مسئلي تي ٿيا ھئا جنھن ڪري کيس مسلم ليگ ڇڏڻي پئي . پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ھن ڪڏهن پاڪستان جي قيام جي مخالفت نہ ڪئي ۽ پارلياماني سياست سان ڳنڍيل رھيو . ون يونٽ جي قيام جي ڪري ھن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو. ان جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ قائداعظم وانگر ھي بہ سنڌ جي بمبئي صوبي جو حصو بڻجڻ جي خلاف ھيو . قائداعظم پنھنجي چوڏھن نڪتن م سنڌ جي بمبئي کان جدائي ء ان جي صوبائي حيثيت جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو ھو .ون يونٽ ۾ اچڻ سان کيس ان پراڻي حالت جي قائم ٿيڻ جي علامت نظر آئي پر پوء به ھي پاڪستان جو حامي ھيو پر وقتي طور تي سياست کان پاسيرو ٿي ادبي سرگرمين ۾ مصروف رھيو . 1970 ۾ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ وري سياسي سرگرمين م شامل ٿيو ۽ اليڪشن ۾ پڻ حصو ورتائين پر پيپلزپارٽي جي اميدوار ملڪ سڪندر کان ھارائي ويو. بعد ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ نالي ڪتاب لکي پنھجي حلقن م نئون خيال رکيائين پر پنھنجي سڄي حياتي ۾ کيس ماڻھن کان موٽ ڪانہ ملي سگھي. ان جا پوئلڳ اختلافن جو شڪار رھيا ۽ تحريڪ ۾ گروپبندين جو سلسلو ھلندو رھيو . ھڪ وڏو تعداد سندس خيالن کي خير باد چئي ملڪي سياست جي ڌارا ۾ شامل ٿي ويو. قادر مگسي، شاھ محمد شاھ، گل محمد جکراڻي انھن م شامل آھن.<ref>{ايڊمنسٽريٽر کي گذارش آهي تہ ھن پيج م ڪنھن نامعلوم پنھنجي سياسي خيالن جي تشھير خاطر تعصب تي مشتمل مواد لکيو آهي جيڪو وڪيپيڊيا جي پاليسيءَ جي خلاف لڳي پيو ان ڪري پيج جي مواد تي نظر ثاني ڪري پيج کي وڪيپيڊيا جي پاليسيءَ جي موافق بڻايو وڃي. والنٽيئر (Intisar Ali)}</ref>
 
==سنڌوديش ننڍو ملڪ==