معين الدين چشتي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
Hammad (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
'''خواجه معين الدين چشتي''': هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617 هه) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 هه) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.
|