مخدوم بلاول: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 39:
== شهادت ==
ڪن تاريخي تذڪرن ۾ لکيل آهي ته ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ ڦهلائڻ چاهي پئي جيڪا ڳالهه محب وطن عالم ۽ فقيه مخدوبزم بلاول کي نه ٿي آئڙي. ميران محمد جونپوري[[سنڌو درياھ]] وسيلي سن وٽان گذريو ته مخدوم بلاول جو پوئلڳ [[حيدر سنائي]] سندس راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو ۽ جونپوري واپس موٽي ويو. مخدوم بلاول کان وير ميران محمد جونپوري مرزا شاه بيگ ارغون معرفت ورتو ۽ کيس سازش سان شهيد ڪرايائين. ڪن تاريخن ۾ اهو به ذڪر آهي ته جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم صاحب کي[[929ھ]] بمطابق [[1522ع]] ۾ شهيد ڪيو ويو.روايت آهي ته کيس گھاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪيو ويو هو<ref>{{cite book|last1=munawar arbab|first1=Halo|title=Sufi Saints of Indus Valley|publisher=Lulu.com|url=https://books.google.com/?id=SuSwCgAAQBAJ&pg=PA79&dq=Makhdoom+bilawal+sindh#v=onepage&q=Makhdoom%20bilawal%20sindh&f=false|isbn =1329580885
|accessdate=10 May 2017|language=en}}</ref> مير محمد معصوم جي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ مخدوم بلال ۽ ارغونن جي تصادم بابت مفصل بيان مليو آهي. ساڳئي دور ۾ فريد بکري پڻ هن مسئلي ڏي اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. (ذخيرة الخوانين جلد1 ص177) ان هوندي به ”تاريخ معصومي“ پهريون ماخذ آهي، جنهن ۾ مخدوم بلال جي سوانح پڻ ڏنل آهي. مير معصوم جي لکت ته: هو سن 929ھ ۾ وفات ڪري ويو کي بنياد بنائي ناقدن مخدوم صاحب جي شهادت جو انڪار ڪيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي اصل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سامهون جيڪو قديم ترين نسخو هو، ان ۾ مذڪوره سٽ ڪانهي. ان جو مطلب ته وفات وارو بيان پوءِ جي ڪاتبن جو واڌارو آهي. مير علي شير قانع به مخدوم صاحب جي وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي. (تحفة الڪرام) اڄ اسين تاريخ جي علم مان جيڪا اميد رکون ٿا، وچئين دور ۾ هي علم صرف بادشاهن جي ثنا ۽ ساراه لاءِ هوندو هو. علي ڪوفيءَ کان ڪري خداداد خان تائين سنڌ جي تاريخ جا سڀئي لکندڙ سنڌي نه هئا. ان پس منظر ۾ اهڙن مؤرخن مان سماجي ۽ عوامي تاريخ جي توقع نه رکڻ کپي.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html}}}</ref> سوال آهي ته مخدوم بلال ڇو شهيد ٿيو هو؟ مير معصوم جي لکت مان ڳالهه سڄي صاف نظر پئي اچي. مخدوم بلال مڃيل عالم، محدث ۽ صوفي هو. پاڻ ارغونن جو زبردست مخالف هو. ان صورت ۾ نوان حاڪم هن کي ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيا؟ تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا ظلم نشانبر بيٺا آهن. بهرحال، کيس شهيد ڪرڻ لاءِ هڪ بهاني جي ڳولا ڪئي وئي. مولانا دين محمد وفائي ان پس منظر ۾ لکيو آهي ته: آخرڪار وقتي سياست سبب مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص66) هن مسئلي تي جناب جي ايم سيد وڌيڪ روشني ڌي آهي. (پيغام لطيف ص64) انهن ڳالهين کي هت دهرائڻ جي گنجائش ڪانهي. مخدوم بلال جي شهادت بابت دستاويزي ثبوت گهڻو آڳاٽا آهن. انهن جو سرسري ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html}}}</ref>

(1) مخدوم جعفر جو بياض: مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر ڳوٺائي هئا. شهادت جي واقعي وقت مخدوم جعفر ويهن – پنجويهن سالن جو هوندو. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ متعدد ڪتابن جو لکندڙ هو. هن جي بياض ۾ مخدوم صاحب جي شهادت جو مذڪور ملي ٿو: آن ولي باکمال را قوم طغچه (چغده) بر بناءِ حد در اشڪنجه کشيده بشهادت رسانيدند. (عبدالواحد آريسر جو مقالو ڇپيل ڊيلي ”جاڳو“ 21 آڪٽوبر 1993ع)

(2) هڪ قديم تحرير: مشتاق متعلوي جنهن مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر ڪيو، ان جي سامهون هڪ قديم تحرير هئي. لکي ٿو ته: نقل از منبع قديم، در منقول چنين نوشته بود. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص63 حاشيو)

سِٽَ 58:
(بحر العشق ص54)

(12) مولانا دين محمد وفائي: مولوي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد اول سن 1365ھ/1946ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن عالم شخص پنهنجي ڪتاب ۾ مشتاق متعلويءَ جي بياض ۾ آيل مواد ۽ ٻين ذريعن کي سامهون رکي مخدوم بلاول کي شهيد ثابت ڪيو آهي. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ ڇپيو آهي.

قيام پاڪستان کان پوءِ جناب جي ايم سيد هن عنوان تي ”پيغام لطيف“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ نالي ڪتابن ۾ مفصل روشني وڌي آهي. ان ريت همعصر دور ۾ هر اديب ۽ شاعر، مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html}}}</ref>
مخدوم صاحب جي شهادت جي تاريخ مير معصوم (تاريخ معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام) ۽ سيد عبدالقادر (حديقة الاوليا) نه لکي آهي. مختلف روايتن موجب هو 30 صفر 931ھ، 2 رجب 930ھ يا 1 محرم 935ھ تي شهيد ٿيو هو. مخدوم صاحب جي مقبري ۾ ڪتبي تي سندس شهادت جي تاريخ 1 محرم 929ھ ڏينهن جمعي جو لکيل آهي. خاطري آهي ته هي واقعو شاه بيگ ارغون جي دور ۾ ٿيو، جنهن جديد تحقيق موجب 22 شعبان 930ھ تي وفات ڪئي هئي.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html}}}</ref>

== مزار ==
[[File:Mosque of Makhdoom Bilawal Martyred.jpg|thumb|مخدوم بلاول جي مسجد ]]
[[File:Dadu_District_Sindh.JPG|thumb|left|200px|مخدوم بلاول جي تربت]]
مخدوم بلاول شهيد جي مزار دادو ضلعي جي ڳوٺ مخدوم بلاول ۾ آهي جيڪو دادو کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف انڊس هاءِ وي سان واقع آهي. سندس مزار تي هرمهيني ماھ پيرو جمعو لڳندو آهي. مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنهن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھ بخش پنهور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنهور صاحب شيشي جو ڪم به مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الھ بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنهن جو مقبرو اتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهه وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت به تازي دور ۾ ٿي آهي.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book4/Book_page10.html}}}</ref>

==حوالا ==