ڄام فيروز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 46:
==سمن جي حاڪميت جو خاتمو==
 
سن1520ع (926هه) جي آخر ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. شال، مستونگ ۽ ٻين شهرن جو جوڳو بندوبست ڪري، مير فاضل ڪوڪلتاش جي قيادت ۾ اڍائي سؤ چونڊ بهادرن جو لشڪر سنڌ ڏي موڪليو ويو. سموري لشڪر جي نگراني شاه بيگ خود ٿي ڪئي. ارغونن پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي. ارغوني لشڪر باغبان وٽان گذريو. ان وقت دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، ليڪن فاتحن رستو تبديل ڪري ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاه بيگ سان نيازمنديءَ جو اظهار ڪيو. ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:
 
”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“(10)<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص153-154}</ref>
ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:
ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.<ref> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref> درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.(11)<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص155-157}</ref> ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص 160}</ref> هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو:
 
”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص166}</ref> شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين: ”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص166}</ref> هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.<ref> {ڪتاب:ايم. ايڇ. پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص383}</ref> ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.<ref> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“(10)
 
ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.
 
درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.(11)
 
ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.(12)
 
هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو:
 
”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“(12)
 
شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين:
 
”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“(14)
 
هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.(15) ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.
 
== حوالا ==