"ڄام سڪندرشاھ ٻيو" جي ورجائن ۾ تفاوت

م
Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
م (Aziz Kingrani چوريو صفحو ڄام سڪندرشاھ ٻيون ڏانهن ڄام سڪندرشاھ ٻيو)
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
}}
 
'''ڄام سڪندر شاهه (ٻيو)''' انگريزي (Jam Sikander Shah-II) [[سنڌ]] ۾ [[سمن جو راڄ]] جي دور ۾ حڪمران هو. هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. <ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
 
==تفصيلي تعارف==
جڏهن اقتدار جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري [[بکر]] ۽ [[سيوھڻ شريف|سيوستان]] جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت ڪئي. هي اطلاع ملندي ڄام سڪندر ڪثير لشڪر سان بکر طرف روانو ٿيو. اڃا مس [[نصر پور]] پهتو ته پٺيان کيس مبارڪ خان جي شورش جو اطلاع پهتو، جنهن صورت ۾ تختگاه جا امير ۽ عوام، ڄام سڪندر سان ڳانڍاپيل هئا، ان ڪري ٽن ڏينهن بعد مبارڪ خان کي اقتدار تان هٽايو ويو. بهرحال، ٺٽي جي غير يقيني صورتحال سبب ڄام سڪندر – بکر ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلح ڪيو.<ref> {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص109 }</ref>
ڄام سڪندر جي حڪم تي مئنگلور ڪاٺياواڙ جي عالم مولانا علاؤالدين هڪ عربي درسي ڪتاب ”شمہ في الميزان“ جي آسان شرح ”الزبدة“ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان کي ڄام جي نالي منسوب ڪيائين. هي انتساب هن ريت هو: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي انڪار جي مون کي طاقت ناهي – جنهن جي فضيلت جا موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جو به سندس کماحقه مدح جو خيال ڪري، تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽ دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري، تاڪه ٻين لاءِ حقيقت واضح ٿئي ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم ۽ حلم، سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام [جوڻو]. شال سدائين سندس ذاتي خوبين سان توفيق حال هجي ۽ (ڌڻي جي) مدد سهارو هجي.<ref> {ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ص84-85 سال 1962ع }</ref>
ڄام هي ڪتاب پوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. هن ڄام جي دور ۾ تعمير ٿيل ڪجهه کوهن تان پڪيون سرون مليون آهن، جن تي سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. انهن جو ذڪر اڳتي ايندو.<ref> {ڪتاب:سمنname="autogenerated1" جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
٦٬٥٠٩

سنوارون