"ڄام سنجر" جي ورجائن ۾ تفاوت

٨١ بائيٽون لاٿ ،  ٣ سال پهرين
م
Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو:
 
ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو. مير علي شير ۽ مير محمد معصوم ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
.
 
”هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ساري سنڌ ولايت سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌي تائين پنهنجي قبضي ۾ آندي.“
 
مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو. سوين سندس عاشق هئا ۽ بنا اجوري جي هن جي درٻار ۾ ڪم ڪندا هئا. هڪ فقير مٿس فدا هو ۽ هر وقت سندس بادشاهي ماڻڻ لاءِ دعاگو رهندو هو. هڪ ڀيري ڄام کي هڪ قاضيءَ جي رشوت وٺڻ جي شڪايت پهتي. ڄام ملازمن جي پگهارن وڌائڻ جو اعلان ڪري، رشوت جهڙي مرض جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جا ڪڇ ۽ گجرات سان بهتر لاڳاپا برقرار رهيا. هن دور ۾ سنڌ جي دفاع خاطر، ڪڇ ملڪ ۽ جوڌپور جي سرحدن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون. هنن سرحدن تي سوڍن ۽ سومرن ماڻهن کي آباد ڪيو ويو. ڄام سنجر جي موت بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. هڪ راءِ آهي ته کيس زهر جو پيالو پياري ختم ڪيو ويو. ٻي راءِ موجب هو طبعي موت مئو هو. ان ريت سندس اقتدار کان الڳ ٿيڻ بابت به ٻه خيال ملن ٿا. هڪ تحرير موجب سندس وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين نالي سندس پٽ سنڌ جو بادشاه بنيو، جڏهن ته پنهور صاحب جو دليل آهي ته ڄام نظام الدين کي اقتدار جي واڳ سونپي، ڄام سنجر پنهنجن ٻين ٻن پٽن سميت گجرات ڏي نڪري ويو. ان صورت ۾ سندس وفات به اتي ٿي هوندي. تاريخن ۾ ڄام جي هنن پٽن جا نالا محفوظ نه رهيا آهن. تاهم انهن مان هڪ جي پٽ ڄام صلاح الدين (ڄام سنجر جو پوٽو)، ڄام نظام الدين کان پوءِ سنڌ جي تخت ۽ تاج جي دعويٰ ڪئي هئي. ويجهڙائي ۾ هن ڄام جو سڪو پڻ مليو آهي.<ref> {ڪتاب:سمنname="autogenerated1" جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
٦٬٥٠٩

سنوارون