"ڄام بابينو صدرالدين" جي ورجائن ۾ تفاوت

م
Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
 
==تفصيلي تعارف==
ڄام بابينو جڏهن سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا. سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.<ref name="autogenerated1"> {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>ڄام صدر الدين دلير، سورهيه ۽ وطن دوست انسان هو. سنڌ جي خودمختياري ۽ عزت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ڏسجي ٿي. هو پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ ڌارين جي مداخلت جو سخت مخالف هو. سندس ڀيٽ ۾ ڄام جوڻو ڪمزور ۽ اعتدال پسند هو. ڄام بابينو حالات جو اڀياس ڪندو رهيو ۽ دهلي سلطنت جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي ۽ مهل جي تلاش ۾ رهيو. هن سڀ کان اول پاڻ کان ڪيئي ڀيرا زياده طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۽ قنڌار جي منگولن کان فوجي مدد وٺڻ خاطر هڪ معاهدو ڪيو. سال 1359ع ۾ فيروز تغلق بنگال جي ٻين مهم تان ناڪام ٿي موٽيو، تڏهن پاڻ ۽ سندس لشڪر ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ ڀٽڪندو رهيو.<ref> { ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا.“ جلد ٽيون ص187 سال 1958ع}</ref>هن خبر جي پکڙجڻ شرط سلطنت دهليءَ جي مخالفن جا حوصلا بلند ٿيا. ان ريت ڄام بابيني کي پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ان متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:”سلطان فيروز جي وفات جو افواه مشهور ٿيو ۽ ڄامن وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سر نو زور وٺرائيندي، پنهنجيون فوجون ملتان جي حد اندر پهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون."<ref> { ”مڪلي نامه“ ؛از:پير حسام الدين راشدي ؛ص106}</ref>هي پهريون موقعو هو جو سمن ڄامن همٿ ڪري سنڌ مان دهلي سلطنت جا آثار ۽ اهڃاڻ ختم ڪرڻ طرف هڪ وِک وڌائي. هن سال (1359ع) تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور تي تغلقن جا عملدار موجود هئا. ان جو ثبوت سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاه تي لڳل هڪ فارسي ڪتبي مان ملي ٿو. هي مقبرو سن 1358ع ۾ تغلق گورنر ملڪ اختيار الدين جي نظرداريءَ ۾ ٺهي راس ٿيو.<ref> {ڪتاب:سمنname="autogenerated1" جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽ ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾ آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتي ۽ غور سان ڏسي رهيو هو. ان پس منظر ۾ هن تيزيءَ سان صورتحال کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي ڄامن ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف همير سومري کي وري سنڌ جو حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ تيز ڪري ڇڏيائين. آخرڪار همير سومري ٺٽي تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ، گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر جي مدد سان لاڙ ۽ ٿر کان حملا شروع ڪري ڏنا. هنن حملن جو انجام ڏسڻ کان اڳ ئي عين الملڪ ماهرو سن 1368ع ۾ مري ويو.<ref> { ايم . ايڇ . پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص319 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 1983ع}</ref> ٻي صورت ۾ پڪ سان ان متعلق پنهنجي خطن ۾ مواد ڇڏي ها. روايتن موجب جڏهن همير سومري سنڌ (سمن) تي حملو ڪيو، تڏهن مختلف قبيلن ڄام هالي جي قيادت ۾ دشمن خلاف مورچي بندي ڪئي.
روايتن موجب سمن ۽ سومرن جو هڪ خونريز معرڪو، موجوده شهر عمرڪوٽ جي آس پاس ٿي گذريو. هن جنگ ۾ همير قتل ٿي ويو. ان بعد سمن پنهنجي اختيار ۽ اقتدار کي توسيع ڏني. همير جو اولاد ۽ سندس ڀائر گجرات طرف نڪري ويا، جتي کين جاگيرون ڏنيون ويون.سمن جي خودمختياري، سرڪشي، ارڏائي ۽ همير جي قتل کان پوءِ فيروز تغلق سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. فيروز آڪٽوبر 1365ع ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هندي سلطنت هن حملي ۾ سنڌ خلاف اسي هزار سپاه ڪتب آندو، جنهن ۾ پنج سؤ بحري ٻيڙا به شامل هئا. سنڌين ۽ تغلقن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن جو پورو بحري اٽالو تباه ڪيو ويو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ملي. آخرڪار فيروز ناڪام ٿي ڪڇ جي رستي کان گجرات طرف روانو ٿيو. محمد تغلق سنڌ تي حملي وقت فوت ٿيو ۽ فيروز تغلق ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ هڪ ڪهاوت مشهور ٿي:<br>
<center>[[هڪ مئو، هڪ ٽَٺو،]]<br>
[[بابرڪت، پير پٺو!]]<br></center>
فيروز تغلق کي گجرات ويندي ڪڇي ماڻهن به زبردست پريشان ڪيو. منزل تائين پهچندي پهچندي بادشاه جو بي انداز لشڪر مارجي ويو يا وري رستي نه لهڻ سبب رلي ويو. سن 1368ع ۾ جڳ جهان جو لشڪر گڏ ڪري، فيروز تغلق وري سنڌ تي حملو ڪيو. هن ڀيري ڄامن جو گهڻو نقصان ٿيو، ليڪن پوءِ به تغلقن کي ناڪامي ڏسڻي پئي. آخرڪار سلطنت دهلي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شيخ الاسلام سلطنت دهلي ۽ اچ جي مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحب مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحبن معرفت ڄامن ۽ فيروز وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. جيئن ته سنڌ جا حاڪم اچ جي مخدومين جا مريد هئا، ان ڪري هو کين ٽاري نه سگهيا. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ معاهدو ڪيو:<br>
”سنڌي دهليءَ کي ساليانو خراج ڏيندا. بابينو ۽ جوڻو دهلي هلي رهندا ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري رهندي.“<ref> { ”مڪلي نامہ“ از: پير حسام الدين راشدي؛ ص104-105}</ref>جڏهن جنگ جدل ختم ٿيو ۽ صلح ٿي ويو، تڏهن ڄامن هڪ شڪارگاه ۾ پهچي فيروز سان ملاقات ڪئي. ڄام جوڻو ۽ ڄام بابينو، شاهي لشڪر سان گڏ دهلي روانا ٿيا، جتي انهن لاءِ ساليانو ٻه لک ٽنڪا وظيفو مقرر ٿيو. سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي گڏجي حڪم هلائڻ لڳا. ان ريت سمن جي سرداري، سلطنت هند جي طفيلي رياست بنجي وئي.<ref> {ڪتاب:سمنname="autogenerated1" جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
٦٬٥٠٩

سنوارون