لکمير دڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''لکمير دڙو''' [[انگريزي]] (Lakhmir Mound) [[سنڌ]] [[پاڪستان]] ۾ قديم آثارن وارو ماڳ آهي جيڪو [[سيوهڻ شريف،شريف]]، [[دادو ضلعو]] (هاڻ [[ڄامشورو ضلعو]]) کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ - ڏکڻ طرف [[کيرٿر]] جبل جي جابلو سلسلي جي جبلن ڀِت جبل ۽ بڊو جبل جي وچ ۾ [[نئيگ شريف]] جي ماٿري ۾ واقع آهي. مقامي طور هيءُ دڙو لکمير جي ماڙِيءَ سان مشهور آهي. لکمير جو دڙو جي [[برطانوي هندستان]] جي قديم آثارن جي ماهر [[اين. جي مجمدار]] کوٽائي نه ڪئي هئي پر ان بابت پنهنجي ڪتان [[ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ]] ۾ راءِ ڏني آهي ته ڪنجهي يا ٽامي جي دور (Chalcolithic) جو ٺڪراٺو سڄي دڙي ۽ ان جي پيڙھ واري حصي تي پکڙيل آهي. مجمدار وڌيڪ لکي ٿو ته ڪجھ مصالحي جا ٽڪرا ۽ پٿر جي ديوار يا ڪوٽ تاريخ کان اڳ واري دؤر جا پڻ ڏٺا ويا هئا. سنڌو تهذيب جو ٺڪراٺو (يعنى ڳاڙهي تي ڪارو) پڻ مشاهدي ۾ آيو.<ref>{{Cite news|url=https://www.dawn.com/news/727095|title=Heritage: The ancient sites of Kai and Naig valleys|last=InpaperMagazine|first=From|date=2012-06-16|work=DAWN.COM|access-date=2018-05-14|language=en-US}}</ref><ref>{{Cite web|url=http://www.discover-pakistan.com/naing.html|title=Naing|website=Discover Pakistan|access-date=2018-05-14}}</ref> دفائي ديوار يا ڪوٽ به نظر ۾ آيو هو. قديم آثارن وارو هيءَ ماڳ ٻن حصن ۾ آهي. پهريون مخروطي ٽڪريءَ ۽ هيٺيون حصو ڳوٺ يا شهر لڳي ٿو. <ref>{{Cite news|url=http://antiquities.sindhculture.gov.pk/index.php/mound/lakhmir-ji-mari-deh-nang-sehwan|title=Lakhmir ji Mari, Deh Nang, Sehwan|access-date=2018-05-14|language=en-gb}}</ref><ref>{{Cite journal|last=Hyder|first=Ali|title=Brief Description of Archaeological Sites and Monuments of Sindh|url=http://www.academia.edu/12937589/Brief_Description_of_Archaeological_Sites_and_Monuments_of_Sindh|language=en}}</ref>