سرشٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9:
==ڪائنات جي بناوٽ==
 
ڪائنات ۾ تقريبن ھڪ سؤ ارب ڪھڪشائون آهن ۽ ھر ڪھڪشان ۾ تقريبن هڪ سؤ ارب تارا آھن ۽ تقريبن اوترا ئي گرھ، يعني ڏھ بلين ٽرلين.<ref> {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 18 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}</ref> اسان جي ڪھڪشان ايم-31 جي ڀر ۾ آھي جيڪا اڌائي ڪروڙ سالن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪندي آھي. اھا ھڪ گول گھمندڙ ٻانھن وانگر آھي جنھن جي وچ ۾ ازخود چمڪندڙ ستارن جو آبشار ھڪ عجيب احساس پيدا ڪندو آھي انھن ۾ ڪجھ اھڙا نازڪ ھوندا آھن جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو پر ايترا وڏا جو انھن ۾ ڏھ ھزار سج يا ھڪ کرب زمينون ماپي وڃن، ٻيا وري ڪنھن ننڍي شھر جيترا پر جست کان اربين دفعا وڌيڪ ڪثيف يا گھاٽائي وارا. ڪجھ ستارا اسان جي سج وانگر تنھا آھن پر اڪثر ستارا ھڪٻئي جي ويجھو آھن ٻٽي شمسي نظام ۾ يعني ٻه سج ھڪٻئي جي چوڌاري ڦرندا آهن پر ستارن جي درجي بندي جو سلسلو ھميشہ جاري رھندو آھي يعني ٽن ستارن جا چند ڊزن بي ترتيب ميڙن مان ٺھندڙ عظيم جھرمٽ جنھن کي لکين سج روشن ڪندا آهن .ٻٽي شمسي نظام ۾ ڪي ستارا ھڪٻئي جي ايترو ويجھو ھوندا آھن جو ھڪٻئي سان گسندا آھن ۽ ان گاٺ سان انھن جو مادو نڪري خلا ۾ ڦھلجندو رھندو آھي. ڪجھ وري ھڪٻئي کان ايترا پري ھوندا آھن جيئن اسان جي سج کان مشتري ھوندو آھي.ڪجھ ستارا سپر نووا ايترا روشن ھوندا آھن جيتري سندن پوري ڪھڪشان، ٻيا وري بليڪ ھول ھوندا آھن جيڪي چند ڪلوميٽرن تان بہ نظر ناھن ايندا.ڪجھ مستقل چمڪندڙ ھوندا آھن.
ڪائنات ۾ تقريبن ھڪ سؤ ارب ڪھڪشائون آهن ۽ ھر ڪھڪشان ۾ تقريبن هڪ سؤ ارب تارا آھن ۽ تقريبن اوترا ئي گرھ، يعني ڏھ بلين ٽرلين.<ref> {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 18 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}</ref>
 
==ڪائنات جا فاصلاتي پيمانا ==