سرشٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:KUGEL-3 pulsierendes Universum.gif|right|380px|thumb|KUGEL-3 pulsierendes Universum]]
[[File:CMB_Timeline300_no_WMAP.jpg|left|thumb|200px]]
'''''ڪائنات''''' ڪل موجودات جو مجموعي نالو آهي. ان ۾ [[زمين]]، [[سج]]، [[چنڊ]]، [[گرھ]]، [[تارا]]، [[ڪهڪشان]]، [[خلا]] ۽ [[توانائي]] اچي وڃن ٿا.
 
 
جيڪا ڪائنات اسان وڏين [[دوربينين]] سان ڏسي سگهون ٿا ان کي آبزرو ايبل يونيورس (Observable universe) چئبو آهي. اها تقريبن 91 [[نوري سالن]] جي فاصلي تي پکڙيل آهي. سموري ڪائنات جي پکيڙ جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڪائنات جي شروعات ۽ ارتقا جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺو ۽ تسليم شده نظريو [[بگ بينگ ٿيوري]] (Big Bang Theory) آهي. هن نظريي جي مطابق ڪائنات تقريبن 14 ارب سال اڳ عدم مان وجود ۾ آئي. شروع ۾ ڪجھ به نه هو. مادو، زمان، مڪان موجود نه هيا. پوءِ، اڃا تائين اڻڄاتل سببن جي ڪري، عدم مان توانائي ۽ خلا (space) پيدا ٿيا ۽ تمام گھڻو تيزي سان ڦهلجڻ لڳا. ان وقت ڪائنات هڪ [[ايٽم]] جي کربين حصي کان به ننڍي هئي ۽ سندس درجئه حرارت کرب کرب کرب ڊگري سينٽيگريڊ هيو. ڦهلاءِ جي نتيجي ۾ اها ننڍڙي ڪائنات وڏي ٿيندي رهي ۽ درجئه حرارت گھٽبو رهيو. ٿڌي ٿيڻ سان توانائي مان [[اليڪٽران]] ۽ ٻيا ذرا (sub-atomic particles) ٺهيا. جن مان بعد ۾ ايٽم ٺهيا. ڪافي عرصو پوءِ [[تارا]] ۽ [[ڪهڪشائون]] ٺهيون .ڪائنات جي ڦهلاءَ جو عمل ان جي پيدائش کان وٺي اڃا تائين جاري آهي.
[[File:KUGEL-3 pulsierendes UniversumCMB_Timeline300_no_WMAP.gifjpg|rightleft|thumb|KUGEL-3 pulsierendes Universum200px]]
ڪائنات جي مستقبل بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ڪائنات هميشه ڦهلجندي رهندي ۽ ڪو وقت ايندو جو سمورو مادو توانائي ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ گھڻي ڦهلاءَ جي ڪري هي صرف اونداهون خلا وڃي رهندي. جڏهن ته ڪجھ جو خيال آهي ته جيئن مٿي اڇلايل پٿر زمين جي ڪشش جي ڪري هيٺ موٽندو آهي ائين ئي ڪائنات ۾ موجود مادي جي ڪشش ڪائنات جي ڦهلاءَ کي روڪي هن کي واپس سڪيڙڻ شروع ڪندي ۽ نيٺ سڀ ڪجھ هڪ هنڌ گڏجي معدوم ٿي ويندو. ان کي بگ ڪرنچ (Big Crunch) چون. ڪجھ سائنسدانن جو وري خيال آهي ته هن ڪائنات کان ٻاهر ٻيون به لاتعداد ڪائناتون موجود آهن. مستقبل ۾ هيءَ ڪائنات ڪنهن ٻي ڪائنات سان ٽڪرائجي ان ۾ ضم ٿي سگھي ٿي. ان نظريي کي ملٽي ورس (Multiverse) چيو ويندو آهي.
 
==ڪائنات جا فاصلاتي پيمانا ==
ڪائنات ايتري وسيع آهي جو زمين تي استعمال ٿيندڙ عام پيمانه ميٽر يا ميل مذاق لڳندا آهن. ان جي بدلي اسان اھي فاصلا روشني جي رفتار سان ماپيندا آھيون. روشني جو ھڪ ڪرڻو ھڪ سيڪنڊ ۾ 146000 ميل يا 300000 لک ڪ م جو فاصلو طئي ڪندو آهي يعني زمين جي چوڌاري ست چڪر لڳائي ويندو. اٺن منٽن ۾ اھو سج کان زمين تي پهچي ويندو آهي. ان کي اسان ھيئن بہ چئي سگھون ٿا ته سج زمين کان اٺ نوري منٽن جي فاصلي تي آھي.ھڪ سال ۾ روشني جو ڪرڻو ڏھ ٽرلين ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندو آھي (ھڪ ٽرلين= 10 کانپوء 12 ٻڙيون) يعني لامحدود خلا ۾ ڇھ ٽرلين ميل. ڊيگھ جو اھو پيمانو، يعني روشني ھڪ سال م ڪيترو فاصلو طئي ڪندي آھي، نوري سال سڏبو آهي. اھو وقت جو نه پر فاصلو آهن جو پيمانو آھي.<ref> {ڪتاب: کائنا؛:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛ پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}