ڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 28:
ڌرم: : '''Dharma''' ({{IPAc-en|ˈ|d|ɑːr|m|ə}};<ref>{{citation|last=Wells|first=John C.|year=2008|title=Longman Pronunciation Dictionary|edition=3rd|publisher=Longman|isbn=9781405881180}}</ref> {{lang-sa|[[wikt:धर्म#Sanskrit|धर्म]]|dharma}}, {{IPA-sa|dʱəɾmə|pron|Dharma.ogg}}; {{lang-pi|धम्म|dhamma}}, translit. ''dhamma'') جي ڪابہ ھڪڙي معني ناھي ھندو ازم، سک ازم، ٻڌازم ۽ جين ازم ۾ ھن لفظ جون مختلف معنائون آهن <ref name=":0">{{Cite web|url=https://www.britannica.com/topic/dharma-religious-concept|title=Dharma|last=|first=|date=|website=[[Encyclopædia Britannica]]|publisher=|access-date=2016-08-18}}</ref> ڌرم لفظ جو ويسٽرن ٻولين ۾ ڪنھن ھڪڙي لفظ سان ترجمو ممڪن ناهي .
 
ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو ڄمي ٿو، سو اوس مري ٿو. دنيا ۾ رهي ماڻهو پاڻ پتوڙي، ڌن مال ڪٺا ڪري ٿو، پر آخر سڀ اتي ئي ڇڏي ٿو. مٽن مائٽن مان ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونه ٿو ٿئي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو اڪيلو ئي اڪيلو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ اهڙن خيالن ماڻهن ۾ قيامت ۽ پرلوڪ جا خيال پيدا ڪيا. وقتي مئل مائٽ سُپني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انهن کي دکي يا سکي ڏسجي ٿو. اهڙين ڳالهين پوءِ جي دک سک جا خيال جاڳايا. ائين ڌرم جي خيال جو بنياد پيدا ٿيو، ۽ پوءِ هرهڪ قوم پنهنجي پنهنجي نموني ڌرم تي هلڻ جون واٽون ٺهرايون<ref name="autogenerated1">{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}}</ref>
 
==ويدڪ ڌرم==
ويدڪ ڌرم بابت جيڪي مٿيون حقيقتون رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، تن تي ويچار ڪرڻ سان سڀاويڪ طرح هيءُ سوال اُٿي ٿو ته ويدڪ ڌرم جو لڇڻ (Character) ڪهڙو آهي؟ ان کي ڪهڙي دفعي ۾ ليکڻ گهرجي؟ رگ ويد ۾ جملي 1028 سُوڪت آهن. جيڪو به سوُڪت پڙهجي ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ئي ديوتا جي اُستتي آهي. ائين گهڻن ئي ديوتائن جا نالا ڄاڻايل آهن، ۽ انهن جي پوڄا جو به ذڪر اهي، تنهنڪري هرڪو جيڪر ائين چوي، ته آڳاٽن آرين جو ڌرم ”ٻهون ديو مت“ (Polytheism) هو. انهن ساڳين ديوتائن جي شڪل شبيهه وغيره جو ائين ورنن ڪيو اٿن جو ڄڻ ته انهن ديوتائن جي صورت وغيره ماڻهن جهڙي هئي، تنهنڪري اهو ”منک روپ ديومت“ (Anthropomorphism) به چئبو. رگ ويد ۾ پِترن جي پوڄا جو ذڪر به آهي، تنهنڪري چئبو ته ”هرهڪ ماڻهوءَ جي روحاني هستي علحدي ليکڻ جومت“ (Animism) به وتن عام هو. ساڳئي وقت رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ائين به ڄاڻايل آهي ته ڌڻي سڀ شيءِ (جاندار توڙي بي جان) ۾ محيط يا وياپڪ آهي. ”سمنڊ جنهن جا لڪ (Loins) آهن، سو پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ به سمايل آهي“ – اهڙا جملا چٽيءَ ريت ظهار ڪن ٿا ته ”ويدانت مت“ (Pantheism) تن ڏينهن ۾ ئي ڦهليل هو. هيئن به چيل آي ته ”ڌڻي هڪڙو ئي آهي، ۽ مٿس نالا گهڻا رکيل آهن، ۽ جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجهن پروڙين ٿا“. هيءُ چٽو اشارو ”ايڪ ايشور واڌ“ (Monotheism) جو آهي. اهڙيءَ طرح باريڪ ريت جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گهڻن متن جو ٻج ڇٽيل هو. ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته رگ ويد جا منڊل جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن، پر رگ ويد واري آڳاٽن، وچولي توڙي پوئين زماني ۾ نڪي هيون مڙهيون نڪي مندر، نڪي ٺاڪر دوارا يا شوالا نڪي ٽڪاڻا. جهوني ۾ جهونا منڊل ائين ئي ڄاڻائين ٿا ته هي قدرت جو ڪارخانو آڳاٽن آرين جو مندر هو، ۽ آڪاس، پرٿوي، سج، پون (هوا)، ۽ ٻيا عناصر جي آد کان هليا اچن، سي سندن ٺاڪر هئا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته سندن اوائلي ڌرم هو ”پرڪرتي پوڄا“ يعني الاهي طاقتن جي پوڄا (Nature Worship or Naturalism) انهن جدا جدا طاقتن کي پوءِ ديوتائون ڪري ليکيائون ته سندن ڌرم ”ٻهون ديومت“ (Polythesim) پيو ڀاسي. انهيءَ ڪثرت منجهان ئي وحدت لوچي لڌائون، تنهنڪري اهو ”ايڪ ايشور واد“ (Monotheism) چئجي ٿو. انهيءَ هڪڙي ڌڻيءَ جي ڌيان ڌاريندي کين هرهڪ گل مان سندس ئي واس آيو، ۽ سڀ ۾ اهو هڪڙو پسڻ لڳا. جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون“. حاصل مطلب قدرت منجهان ئي قادر سان ملڻ جي واٽ ملي ٿي، ۽ اهو ئي آڳاٽن آرين جو اوائلي ڌرم هو.
ٺاڪرن جي مورتي: پروفيسر مئڪس ملر رگ ويد جو اڀياس ڪري ڄاڻايو آهي ته ويدڪ ڌرم ۾ ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن پوڄڻ جي ڳالهه ناهي ئي ڪانه. ٻين به ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته ويدن واري زماني ۾ بت پرستي هئي ڪانه. انهيءَ هوندي به رگ ويد منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن ٺاهڻ جو رواج رگ ويد واري ڪنهن عرصي ۾ ئي جاري ٿيو هو. منڊل چوٿين ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”ڏهه گايون ڏيئي، منهنجو هيءُ اِندر ڪو وٺندو؟ جڏهن اِندر ديوتا سندس دشمن دفع ڪري، تڏهن منهنجو اِندر مون<ref>{ڪتاب: قديمname="autogenerated1" سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}}</ref> کي موٽائي ڏي!“.<ref>{ Prof. Max Muller: Chips from a German Workshop, 1-38}
</ref>