هندوڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 9:
سنڌو ندي جهڙي پاڻ ڪشادي آهي، تهڙي ئي ڪشاده خيالي آڳاٽن رشين ۾ پيدا ڪيائين. ڪهڙو به هندو ڪهڙي به عقيدي تي هلي، ۽ ڪهڙي به نموني جي پوچا ڪري، ته ان لاءِ کيس کلي آزادي آهي. علحده عقيدن ۽ متن تي هلڻ ڪري ڀلي ته ڪو هندو ڪهڙي به پنٿ جو پاڻ کي سڏائي، ته به هو هندو آهي. ”پنٿ“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار ”سنڌيءَ ۾ ”پنڌ“ به آهي. جيڪي به پنٿ آهي“ آهن، سي سڀ سچي سائينءَ سان ملڻ لاءِ ”پنڌ“ يا واٽون آهن. جنهن کي جيڪا به واٽ وڻي سا ڀلي وٺي، جو سڀ واٽون آخر انهيءَ تائين پهچائين ٿيون، جو سڀني جو سرجڻهار آهي، ۽ جنهن سان آخر سڀني جو ڪم آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ سري ڪرشڻ به ارجن کي ائين ئي چيو آهي.
هندو اها دعويٰ به ڪانه ٿا ڪن، ته رڳو سندن ڌرم منجهان ئي موک ملندو يا نجات حاصل ٿيندي. هن باري ۾ اُپنشدن ۾ چيل آهي ته ”جيئن گاين جا رنگ نرالا آهن، پر سڀ گايون ساڳيو ئي اڇو کير ڏين ٿيون، تيئن ڌرم (مذهب) جيتوڻيڪ نرالا آهن، ته به مقصد هڪڙو ئي اٿن.“ هن مان ظاهر آهي ته هندو ماڻهو سڀني ڌرمن يا مذهبن کي عزت جي نگاهن سان ڏسن ٿا، ۽ سندن مقصد هڪڙو ئي ۽ نهايت امول ڪري ليکجن ٿا.
هندن جا ديوتائون، آڳاٽا آريه لوڪ قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا ڪوڏيا هئا، ۽ قدرت جي هر هڪ ڳالهه تي ويچار ڪندي، قدرت مان قادر ساڻ ملڻ جي واٽ لوچي لڌائون. سندن اندرين اک کليل هئي. قدرت جي هرهڪ ڳالهه ڏي جيئن شاعراڻي نظر سان نهاريائين ٿي، تيئن سندن اندر ۾ اُمنگ ٿي اُٿيا، ۽ واحد جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ ۾ ٿي ڇٽڪيا. سندن خيال جي سموري رفتار رگ ويد مان بنهه چٽيءَ ريت پرجهي پروڙي سگهجي ٿي، ۽ پوءِ سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته هندن جي ديوتائن جو تعداد ڪيئن وڌيو، ۽ ڪيئن آڳاٽن آرين ڪثرت مان وحدت لوچي لڌي<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}}{{Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}}}</ref>
</ref
 
هندو مت ڇا آهي، ان حوالي سان مختلف عالمن هي لکيو آهي.