هندوڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''هندو''' (Hindu) لفظ سنسڪرت (Sanskrit) جي قديم ڪتابن ۾ بيان ٿيل ناهي. هي لفظ ’انڊس“ (Indus) يا سنڌو (سنڌ)، مان نڪتو آهي. اهو لفظ سنڌو درياء جي اوڀر وارن ماڻهن لاءِ استعمال ۾ آيو ۽ پوءِ آهستي آهسي اهو لفظ هند جي رهاڪن لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. معنيٰ ته هندو هندوستان جو. <ref>The great religious of the modern world ص 7</ref> ان ڳالهه جي حمايت ڀائي پرمانند، آل انڊيا مهاسڀا جي صدر، پڻ ڪئي آهي ته هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهي.
ٿلهي ليکي جيڪڏهن هندو مٿ کي بيان ڪجي ته پوءِ هندو مت اهو ڌرم آهي، جنهن کي هندو مڃين ٿا. اھڙي نموني اھي جيڪي سناتن ڌرم کي مڃيندا ھئا سي ھندو سڏجڻ ۾ آيا، سناتن معنا داعمي ڌرما معنا قانون سڌ ٿيو، يا داعمي قانون انسان ذات جي رھنمائي ۽ ڀلا ئي لاءِ آهي.
Line 30 ⟶ 29:
شري آروبندو گهوش، پنهنجي ڪتاب، ’هندستاني تهذيب جا بنياد‘ ۾ لکي ٿو ته: آخر '''هندو مت''' آهي ڇا؟ اولهه جو ذهن سوال ٿو ڪري، ته هن مذهب جو آخر روح ڇا آهي؟ ان جو ذهن ۽ ان جو فڪر آخر ڇا آهي؟ ان جي جسم جو ڊول ڪهڙو آهي؟ ڀلا ڪو به مذهب ائين ٿيندو آهي، جو ان جو نه ڪو عقيدو هجي، جنهن تان ڦري وڃڻ لاءِ عذاب جو ڊپ هجي ۽ ايمان آڻڻ لازم ٿي پوي. يا اهڙو ڪو مذهب آهي، جنهن ۾ دينيات جا مقرر ٿيل اصول ئي نه هجن، نه ڪا منجهس ’دينيات‘ هجي، نه ڪو بنيادي عقيدو هجي. ڇا ڪو اهڙو ٻيو مذهب آهي، جنهن جو ڪو پوپ ۽ مذهبي پيشوا نه هجي، انتظام ڪندڙ ڪو ڪليسائي نظام ئي نه هجي، نه ڪو ان لاءِ مسجد ۽ ديول (چرچ) جهڙو نظام هجي، نه ڪو ان لاءِ ڪعبي شريف ۽ يروشلم وانگر مشهور عبادت گهر هجي. ڪا جماعتي تنظيم نه هجي، ڪا لازمي مذهبي شڪل نه هجي، جنهن ڪري سندس پوئلڳ ڪن واجبي اصولن تي هلي سگهن. هڪ شئي، جا هندو مت ۾ گڏيل طور مڃيل آهي ۽ واضح آهي، سا آهي ان جو ’سماجي قانون‘. <ref>هندستاني تهذيب جا بنياد، ص 139 – 141</ref>
 
===سوامي وويڪانند===
هندو مت جو محقق ۽ عالم سوامي وويڪانند پنهنجي مقالي ”Hinduism a universal religion“ (هندومت هڪ عالمگير مذهب) جي منڍ ۾ فرمائي ٿو ته: هندو مت ۾ هر شئي موجود آهي: ويدانت به ته لا ويدانيت به، ديومالائي قصا به، ته روايتون به. <ref>Hinduism a universal religion</ref>
<ref>[http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Specialized/Book2/Book_page4.html Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)<!-- Bot generated title -->]</ref>