سنسڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
'''سَنسڪِرت''' هڪ پُراڻي [[ٻولي]] آهي. موجوده جوڙ [[هنڌو آريائي]] ٻولي آهي. اها [[هنڌو|هنڌن]] توڙي [[ٻُڌهمَت]] جي مَُقدَس ٻولي آهي  ۽ هندُستان جي ٻاويهن سرڪاري ٻولين ۾ هي شامل آهي . [[پنجابي]] ٻولي جو سنسڪرت سان گھرو تعلق آهي . سنسڪرت ڳالهائڻ وارن جو تعداد  اڄڪلھ ڪُجھ ھزار آهي. "ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص [[پنڊت ’پاڻني‘]] آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي [[صرف نحو]] تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ سنسڪرت جا [[ڌاتو]] پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’[[ڌنپال آچاريه]]‘ ۽ ’[[هيمچندر آچاريه]]‘ جون تصنيفون ”[[پايلڇي]]، ۽ [[ديسي نام مالا]]“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان [[عبراني]] هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو".<ref>سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع</ref>
سنسڪرت ننڍي جي قديم ۽ ڌرمي ٻولي آهي. سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي سڌاريل، سنواريل سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد جنهن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا ان کي ويدڪ يا ڪلاسيڪي سنسڪرت چيو وڃي ٿو. اها سنڌو جي ڪناري تي ڳالهائيجندڙ ٻولين مان هڪ قديم پراڪرت جو سڌاريل روپ هئي، جنهن جو گرامر پاڻنيءَ لکيو، جيڪو سنڌو علائقي جو رهندڙ هو. هن ٻوليءَ جو ادب انتهائي قديم ۽ شاهڪار آهي. هيءَ ٻولي هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي. سنسڪرت گهڻو ڪري برهمي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ڪيترائي قديم ڪتاب هن ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهن. سنسڪرت، ننڍي کنڊ جي ڪيترن ٻولين جي ماءُ يا ڀيڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي زبان جي بڻ بنياد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آهي. ٻيو نظريو ان کي سنڌيءَ جي ڄائي قرار ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ ٻولي هن خطي جي اهم ٻولي رهي آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
==”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ==
 
قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڀاش“ معنيٰ ڳالهائڻ. ”ڀاشا“ معنيٰ ”جا ڳالهائجي ٿي“ يعني ٻولي. خود .ٻولي“ معنيٰ به جا ٻولجي جا ڳالهائجي ٿي. آرين جي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو، ۽ ”سنسڪرت“ نالو ڪو گهڻو قديم ڪونهي، جو اهو ويدڪ ساهت ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. انهيءَ قديم ڀاشا ڳالهائڻ جو پوءِ رواج ئي بند ٿي ويو. ياسڪ ۽ پانني منين انهيءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري ان کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل بولي.“ هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ باسڪ ۽ پانني منين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندن وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هئائون، جو کانئن اڳي اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي.س”سنسڪرت“ لفظ جو ڏاتو يا بنياد آهي ”ڪر“ (To do). ان جو اسم مفعول آهي ”ڪرت“ معنيٰ ڪيو يا ڪيل (Done). ”سم“ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱو“، جنهنڪري ”سمڪرت“ (سنسڪرت) معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي (Polished or refined Language). سنسڪرت ۾ سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony) آهن، جن مان هڪڙو قاعدو هيءُ آهي ته ”ڪر“ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اچي، ته ”س“ جو اُچار بالائي گڏڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ”سمڪرت“ بدران ”سمسڪرت“ (سنسڪرت) چئبو آهي. ساڳيءَ ريت ”سمڪار“ بدران ”سنسڪار“ (Sacrament) چئبو آهي.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
== نیرڪتا ==