ململ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: thumb|250px|ڍاڪا ۾ عورت بنگال جي عمده ململ جي لباس ۾ ململ:'''Muslin''' :({{IPAc-en|ˈ|m|ʌ|z|l|ᵻ|n}}...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 9:
</ref>قديم يوناني لوڪ سنڌ جي ململ کي ”سنڊن“ (Sindon) سڏيندا هئا. ان وقت شايد اها چوڻي عام هئي ته ”ململ ته سنڌڻ“ (سنڌ جي). اهو ئي سبب ڀانئجي ٿو، جنهنڪري سنڌي لفظ ”سنڌڻ“ ململ“ جي معنيٰ سان ڪم ايندو هو، ۽ يونانين ان جو اُچار ڦيرائي ”سنڊن“ ڪيو. ويجهڙائيءَ ۾ ملٽن به اهو لفط ڪم آندو آهي، پر ملٽن واري مضمون ۾ معنيٰ اٿس ”سنگين اوڇڻ يا ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو، منهن ڍڪڻ لاءِ ڄاري“. انگريزيءَ ۾ ٻيو لفظ ”سينڊل“ (Sendal) به عام ٿيو، جو اصل ۾ آهي سنڌي لفظ ”سينڌڙ“ ۽ معنيٰ اٿس ”سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳي مان ولايت ۾ اڳي ٻيڙين لاءِ پڳوهه (رسا) ٺاهيندا هئا. اهي قيمتي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم آڻيندا هئا، جن جا سڙهه ريشمي هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳو به يوروپي لوڪ هڪ شاهاڻي شي ڪري ليکيندا هئا. انهيءَ ريت سنڌ جي صوي پنهنجو ججهو ناماچار ڪڍيو، جنهنڪري مغربي ملڪن ۾ مشهوري مليس. اتر هندستان ۾ پنجاب ۽ سنڌ سنگين ململ جوڙڻ ۾ نالو ڪڍيو ته پوءِ ڏکڻ هندستان به پٺتي ڪين پيو. ڍاڪا جون ململيون اهڙيون ته سنگين هيون، جو چون ٿا ته ململ جو سڄو تاڪيو منڊيءَ مان لنگهائي سگهبو هو. اها سنگين ململ به يورپ ڏي وڃڻ لڳي، ۽ يوروپي لوڪ انهيءَ چڱي رقم ڏيندا هئا. ڪئين ورهيه ساندهه هندستان جو مال ائين يورپ ڏي وڃڻ لڳو. هندستان جا ماڻهو ساڄا ٿيڻ لڳا، ته ڪي يوروپي پوسرڻ لڳا. يورپ ۾ اوني ڪپڙو جوڙيندا هئا، پر اسان جي سوٽي ڪپڙي لئنڪشائر جي اوني ڪپڙي جي ڪارخانن کي ڌڪ هڻي ڇڏيو، ته لئنڪشائر ۾ وڏو غلغلو مچي ويو. اُهي ايتري قدر ويا، جو سن 1666ع ۾ قاعدو پاس ڪرايايائون، ته ڪنهن فوتيءَ جو ڪفن جيڪو سندس مائٽ اوني ڪپڙي مان نه جوڙائيندو، سو ڏنڊ جي سزا جوڳو ٿيندو! انهيءَ عجيب قاعدي جاري ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن ڏٺائون ته ڪيترا يوروپي هندستان جي سهني سوٽي ڪپڙي پهرڻ کان نٿا رهن، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا پاڻ به سوٽي ڪپڙو جوڙڻ لڳا. انهيءَ ريت هندستان جي سوٽي ڪپڙي يورپ ۾ هنري انقلاب آندو. هي حقيقتون ڪيترين ئي تاريخن ۾ لکيل آهن، پر اهي ٿيون هاڻوڪيون ڳالهيون، تنهنڪري اسين موٽي آڳاٽين ڳالهين تي اچون ٿا..<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}