ڏير: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ڏير: ديور: برادر ان لا: ڪنھن بہ عورت جي مڙس جو ڀاءُ ان عورت جو ڏير سڏبو آهي. رگ ويد ۾ ”ديور“ لفظ ڪم...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 18:04, 12 مَئي 2018ع

ڏير: ديور: برادر ان لا:

ڪنھن بہ عورت جي مڙس جو ڀاءُ ان عورت جو ڏير سڏبو آهي.

رگ ويد ۾ ”ديور“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڏير“ ۽ معنيٰ اٿس ”مڙس جو ڀاءُ“. پروفيسر مئڪس ملر ج ڪثرتي خيال موجب انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دِوَ“ معنيٰ راند ڪرڻ. هن لفظ مان اها سڌ پوي ٿي ته ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ وانگر رانديون ڪندا هئا، تنهنڪري ”ديور“ (ڏير) جي اصل معنيٰ هئي ”راند ڀائي“ يا ”راند ساٿي“ (A play – mate) . اڄ به ڪيترن هنڌ ڏير ۽ ڀاڄائي گڏجي پتي راند، ۽ ٻي وندر ور ونهن ڪن ٿا. ڪي ائين ڀائيندا آهن ته سنسڪرت لفظ ”ديور“ اصل ۾ آهي ”دوي ور“ يعني ٻيو مڙس. اهو هن ڪري چون ٿا ته، جو ڏير پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجي سگهي ٿو. حقيقتاً ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ جو رواج هندن ۾ نڪي اڳي عام هو، نڪي هينئر عام آهي. اڄ به ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ هڪ نهايت ڪسي ڳالهه ليکجي ٿي، تنهنڪري ائين سمجهڻ ته ”ڏير“ اصل ۾ ٻيو مڙس ڪري ليکبو هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي.[1]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page24.html.  Missing or empty |title= (مدد)