پيءُ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 12:
رگ ويد واري زماني ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج عام هوندو هو (صفحو 98)، جنهنڪري هرڪو پيءُ يا ڪٽنب جو پريو مڙس گهر جو وڏو هوندو هو، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جي مٿان کيس ڪُلي اختياري هوندي هئي. ”پتا“ (پيءُ) لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”سنڀاليندڙ“، اِهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته گهر سنڀالڻ ۽ گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو بوجو پيءُ تي هوندو هو. چوڻ به آهي ته ”باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو“. گهر گهر ۾ اهي وڏڙا مائٽ هوندا هئا، جي سڄي گهر جو بوجو پاڻ تي کڻي ويٺا هوندا هئا، ۽ آڌيءَ کٽيءَ کي پاڻيهي پيا منُهن ڏيندا هئا، جنهنڪري ننڍڙا سڀ ڳڻتيءَ کان ڇٽا پيا هوندا هئا. گهر جو پروهت به پيءُ هوندو هو. ڏهاڙي يگيه جي اگني دکائڻ، اگنيءَ ۾ ڇاهوتي وجهڻ، ويدن جا منتر اُچارڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جي هينئر براهمڻ ڪن ٿا، سي سڀ گهر جو وڏو ڪندو هو. اُن وقت به براهمڻ هئا، جي اڪثر برهم وديا جا ڄائو هئا، تنهنڪري براهمڻ سڏبا هئا. اهي راجائن جي ڪُلَ جا پروهت هوندا هئا. ٻين گهر ٻارين کي به ڪا پوڄا ڪرائڻي هوندي هئي يا ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو، ته ڪنهن رشيءَ يا براهمڻ کي گهرائيندا هئا، نه ته رواجي روز مره جي پوڄا پاڻيهي ڪندا هئا.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page20.html}}
</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}