"موئن جو دڙو" جي ورجائن ۾ تفاوت

١٠٢ بائيٽون واڌ ،  ٣ سال پهرين
م
Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
==نالي جو مطلب==
موهن جي دڙي جي صحيح نالي جي پڪي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي، سرڪاري طور تي هن تاريخي ماڳ کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير) چيو وڃي ٿو، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ '''موهن جو دڙو''' ('''موهن''' هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو (منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُمهِيا هڪ قوم آهي) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي موهن جو دڙو آهي، مقامي آبادي هن ماڳ کي موهن جو دڙو سڏي ٿي.
<ref>[http://www.dailysindhhyd.com/2017/02/08/%D9%85%D9%88%D9%87%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%AF%DA%99%D9%88%D8%8C-%D9%85%D8%A7%D8%B6%D9%8A%D8%A1%D9%8E-%D8%AC%D9%8A-%D9%85%D9%87%DA%AA/ موهن جو دڙو، ماضيءَ جي مهڪ | Daily Sindh Hyderabad<!-- Bot generated title -->]</ref>لاڙڪاڻي ضلعي جي لبدريا تعلقي ۾، لاڙڪاڻي جي شهر کان پنجويهه ميل پري، ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانو آهي، جو عام طرح ”مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي معنيٰ ڄاڻائي آهي 'Mound of the Dead' هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“، ۽ رڳو چُڪ کان ”مئن بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو، ته پڪ ٿيندس ته صحيح اُچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معنيٰ آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. قديم زماني ۾ سنڌوندي مُهن جي دڙي وٽان وهندي هئي، اُتي جو اصلوڪو شهر سنڌونديءَ ۽ الهندي ڪناري جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو. سرزمين جانچڻ سان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته اتي اصل پنج ٻيٽ هئا، جي پوءِ نديءَ جي اتان رخ ڦيرائڻ ۽ مٿان واريءَ وري وڃڻ سبب گڏجي ويا ۽ هاڻي ٻيٽن جو گويا هڪ ڇڳو ٿي پيا آهن. هينئر اتي دڙا ئي دڙا لڳا پيا آهن، جي اٽڪل اڍائي سؤ ايڪڙ زمين جا والاري بيٺا آهن. ڪي دڙا ويهه ته ڪي ٽيهه فوٽ اوچا آهن. انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو دڙو اٽڪل ستر فوٽ اوچو آهي، تنهن تي هڪ مندر اڏيل هو، جو ڪيترن ورهين کان ڊٺو پيو هو؛ پر هاڻ چڱي مشهوري ملي اٿس.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html}}}
</ref>
 
٦٬٥٠٩

سنوارون