شڪنتلا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: File:Shakuntala RRV.jpg|right|thumb|200px|مصور راجا روي ورما جي پينٽنگ ۾ شڪنتلاا تصوير۾ دشيانتا کي خط لکندي ڏيکار...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 6:
([[Sanskrit]]: ''Śakuntalā'') ھندوازم ۾ مھاڀارت ڪتاب جو ھڪ ڪردار آهي. مھاڀارت مطابق اھا دشيانتا Dushyanta جي زال ھئي ۽ شھنشاھ ڀرت جي ماء ھئي . ان جي نالي تي ڪافي ڪتاب ۽ ڊراما پڻ لکيا ويا جن ۾ ڪاليداس جو ڊرامو "اڀيجن شڪنتلا" (Recognition of Shakuntala)پڻ مشھور آھي.<ref name="auto">{{Cite web|url=http://www.dollsofindia.com/library/shakuntala/|title=Shakuntala - the Epitome of Beauty, Patience and Virtue|website=Dolls of India|access-date=2016-03-08}}</ref>نهايت قديم زماني ۾ وشوامتر نالي هڪ رشي ٿي گذريو آهي، هو اصل کتري هو؛ پر پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري راج رشي بلڪه يرهم رشي سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي ته تپشيا ڪيائين جو خود اِندر ديوتا کي ڊپ لڳو، ته هيءُ ڪنهن وقت منهنجو اِندرآسن (راجا اِندر جو آسڻ) کسيندو. راجا اِندر پوءِ ”ميڻيڪا“ نالي هڪ اَپسرا (پريءَ) کي موڪليو، جنهنجي خوبصورتيءَ وشوامتر کي ايتري قدر موهيو، جو هن جوڳ آسڻ ويڙهي ڇڏيو ۽ سندس سنگ ۾ گذارڻ لڳو. کيس پوءِ انهيءَ اَپسرا مان هڪ نياڻي ڄائي، ميڻيڪا اِهو ٻار ڪنهن جهنگ ۾ ڦٽو ڪري، آڪاس ڏي اُڏامي ويئي. انهيءَ ٻار تي ”شڪَنُت“ يعني پکي اچي مڙيا. ڪڻو نالي هڪ رشيءَ اها ٻالڪي ڏٺي، ته پکين کي هڪالي، اها پنهنجي نياڻي ڪري وڃي، پاليائين ۽ نالو رکيائينس ”شڪُنتلا“ (شڪنت + لا) يعني ”پکين مان لاڀ ٿيل يا حاصل ٿيل“، اها شڪنتلا پوءِ راجا دشينت سان پرڻي ۽ ”ڀرت“ نالي پٽ ڄائس، جنهنجي نالي پٺيان سڄو هندستان هاڻ ”ڀارت ورش“ ۽ ”ڀارت کنڊ“ سڏجي ٿو، انهيءَ ڀر جو اولاد ”ڀرت آريه“ لوڪ سڏبا هئا؛ جي پُروُ آرين جي هڪ شاخ مان هئا. رگ ويد واري زماني ۾ انهن مان ڪي سرسوتيءَ ته ڪي شتدري (ستلج) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html}}}
</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[File:Ravi Varma-Shakuntala.jpg|right|thumb|200px| مصور روي ورما جي پينٽنگ ۾ شڪنتلا مايوسيءَ جي حالت ۾ ڏيکاريل]]