ڳوٺ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[عڪس:Guri, village in northern Rajasthan, India.jpg|300px|thumb|ڳوٺ]]
 
ڳوٺ ان علائقي کي چئبو آھي، جتي ڪجھ ماڻهو گهر ٺاهي گڏ رهندا هجن پر انهن جو [[تعداد|انگ]] گهڻو وڌيڪ نہ هجي۔ [[عمومًا|عام طور تي]] ڳوٺ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل هوندو آهي. هڪ ڳوٺ پاڙي کان وڏو ۽ [[قصبو|قصبي]] کان ننڍو هوندو آهي. [[اڪثر|گهڻو ڪري]] ڳوٺ جي آبادي يا تہ سوَن ۾ هوندي آهي يا هزارن ۾. شهر جي [[بنسبت|ڀيٽ ۾]] ڳوٺ ۾ سهولتون (جهڙوڪ اسپتال ،اسڪولَ وغيره) گهٽ هوندا آهن. پر ڳوٺ فطرت جي وڌيڪ ويجهو هوندو آهي يعني اتي وڻ، ٻوٽا، چشما وغيره هوندا آهن، ان جي ڪري ڳوٺن ۾ شهرن جي [[بنسبت|ڀيٽ ۾]] بيماريون گهٽ هونديون آهن۔
 
[[File:A Village in Kaita.jpg|300px|thumb|نائجيريا جو ھڪ ڳوٺ]]
==نالي جو مطلب==
 
رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ اڪثر ڳوٺڙن ۾ رهندا هئا. جيئن اڄ به هندستان جو ڳچ آدم ڳوٺڙن ۾ گذاري ٿو. سچو پچو هندستان آهي ئي ”ڳوٺاڻي جيوت وارو هندستان“. ڳوٺ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوشت“ (گوسٿا) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”اهو هنڌ جتي گايون بيٺيون هجن“. گايون اتي بيهاريبيون، جتي سندن لاءِ چارو موجود هوندو، تنهنڪري ”ڳوٺ“ لفظ ۾ چراگاهه جي معنيٰ سمايل آهي. انهيءَ سبب رگ ويد ۾ ڪن هنڌ ”گوشت“ (ڳوٺ) بدران ”ورج“ (برج) (Varaji) لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اهو هنڌ جتي گايون چارجن“. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو ته ٿورا ڀائر يا سنگتٿي، جتي مال لاءِ چارو مئُو ڏسن، تتي ڀنگيون اڏي، مال سميت وڃيو رهن، ۽ اهو سندن ڳوٺ سڏجي ٿو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته آڳاٽا لوڪ ڳوٺن ٻڌڻ مهل اول اونو مال جي چاري جو ڪندا هئا. چوپائي مان مان به مکيه مال گايون سمجهيائون ٿي، تنهنڪري ”گو“ (گانء) لفظ مان ”ڳوٺ“ لفظ ٺاهيائون، جو اصل ۾ گاين جي چاري لاءِ هو، پوءِ ڀلي ته گاين سان گڏ ٻيو مال به پيو چڙهه ڪري، ڳوٺن جي حدن ٺهرائڻ لاءِ هر هڪ ڳوٺ جي چوڌاري وڻ پوکيندا هئا. اڄ به ائين آهي، جنهنڪري هرڪو پنهنجي وطن جا وڻ پريان ئي سڃاڻي سگهي ٿو. مال جي چاري لاءِ چراگاهه ڳوٺن جي اندر يا انهن جي پسگردائيءَ ۾ هوندا هئن. چراگاهن ۾ سڀني مالدارن جو مال گڏ پيو چرندو هو، تنهنڪري چوپائي مال جي ڪنن تي ڪو نشان ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن سڃاڻڻ سولو ٿئي ته ان جو مال ڪير آهي، رگ ويد منڊل ڇهون (3،28) ڏاندن جي سڱن جون چهنبون تکيون ڪري ڇڏيندا هئا (منڊل 6، 16، 139)، ۽ انهن ۾ ڪي زيور (ڪنٺيون وغيره) اٽڪائي ڇڏيندا هئا. (منڊل 8، 54، 10)<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html}}}
</ref>
[[زمرو:جاگرافي]]
[[زمرو:آباد جڳهن جا قسم]]