ڏکڻ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
==ڏکڻ لفظ جو نُکُ يا بنياد==
سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“ (Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي. ”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، بانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ ڏکڻ جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهر سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=324#16342 قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي] پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو ۽ سنڌسلامت</ref>ڏکڻ لفظ جي اصل معنيٰ ئي هئي ”اُڀرندو“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جو ڌاتو يا بنياد آهي”دڪشڻ“، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”اُڀرڻ“. سڄيءَ دنيا ۾ رڳو اتر قطب طرف سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهنڪري چئبو ته ”ڏکڻ“ لفظ جڙيل ئي اُن وقت جو آهي جنهن وقت آڳاٽا آريا لوڪ اُتر ڏي رهندا هئا، ۽ جنهن پاسي کان اتي سج اڀرندو ڏٺائون، تنهن کي ڏکڻ چوندا هئا.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4}}}
</ref>
 
==ڏکڻ جو اصطلاح==