اتر: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Shuaib-bot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 4:
چئن طرفن مان هڪ طرف يا ڏسا: اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن قطب نما جي سئي سدائين منهن ڪندي آهي جنهن جي ذريعي -بحري جهاز- ۽ هوائي جهاز طرفن جو اندازو ڪندا آهن -اتر- ڏانهن منهن ڪرڻ سان ساڄي هٿ تي اوڀر ۽ کاٻي هٿ تي اولهه جو طرف ايندو ۽ پٺئين پاسي ڏکڻ جو طرف هوندو آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AA%D8%B1 اتر : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”تارٿ“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=324#16342 قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي] پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو ۽ سنڌسلامت</ref>”اُتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال (North)؛ پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون، مٿاهون يا ٻين کان مٿي“. سنسڪرت ۾ ”اُد“ معنيٰ ”مٿي“ (High)، ”اُتر“ (اُد+ تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“ 'Higher' ۽ ”اُتم“ (اُد+تم) معنيٰ سڀني کان مٿي 'Highest' اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون – جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن- هڪ ٻئي کان اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4}}}
</ref>
==حوالا==
|