اتر قطب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سِٽَ 1:
ڌرتيءَ جي گولي جي هڪ انتها. ان جي ٻي انتها [[ڏکڻ قطب]] هوندي آهي. انهن ٻنهي انتهائن تي موسم انتهائي سرد هوندي آهي ۽ ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ ڇهن مهينن جي رات ٿيندي آهي، ڌرتي پنهنجي محور جي چوگرد گردش ڪندي آهي اهي انهيءَ محور جون ٻه پڇاڙيون هونديون آهن. مٿين پڇاڙيءَ کي اتر قطب North Pole) ۽ هيٺين پڇاڙيءَ کي (South Pole) چوندا آهن. خط استوا کان پري هئڻ ڪري اتي ٻارنهن ئي مهينا [[برف]] ڄميل هوندي آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AA%D8%B1%20%D9%82%D8%B7%D8%A8 اتر قطب : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>پروفيسر گيڪي (Prof. Geikie) ۽ ٻين ڀوڻ _ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر طرح هن ريت آهي:
اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا؛ پر سڄو آڪاش منڊل ائين پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو. هر هڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري ٿو ۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو. وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا ٽمڪندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا ڏينهن ته ڇهه مهينا رات! مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي ٿيندي آهي، ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي. صبح ۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو. اها شفق به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هرهڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي. ڇهن مهينن جي رات کانپوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا غائب ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ لالاڻ وڌندي ويندي آهي، ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ پرهه باکون ڪڍندي آهي.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html}}{{* To such a man (stationed at the North Pole) the sun going into the northern hemisphere in his annual course will appear as coming up from the South, and he will express the idea by saying that 'the sun has risen in the south,' however strange the expression may seem to us," B: G Tilak: The Artic Home in the Vedas p.46:}}}
</ref>ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29 جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لالاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي؛ تنهن کانپوءِ سج اُڀرندي (ڦرندو) نظر ايندو آهي. سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي. هر ڪنهن سال 25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي. مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو، اَٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات ٿيندي آهي. وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط سٺ ڏينهن هلندي آهي. اهو تفاوت اُتي جي وايو منڊل ۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي. اهي ڪن يوروپين جا اکين ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4}}}
</ref> .
</ref> . هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن..
 
== حوالا ==