موئن جو دڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 156:
==گهرو جيوت==
 
دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي شيون ماڻهن جي گهرن مان لڌيون آهن، تن مان سندن گهرو جيوت تي چڱي روشني پوي ٿي. سرجان مارشل چوي ٿو ته مهن جي دڙي جي سڀيتا اُن وقت جي مصر ملڪ ۽ ايشيا جي الهندي طرف جي سڀيتا جهڙي آهي؛ پر ڪن ڳالهين ۾ اتي جي سڀيتا کان به سرس آهي. انهن هنڌان ڪي اهڙيون عمديءَ طرح جڙيل سنان جون جايون ۽ اهڙا ڪشادا گهر ڪين لڌا آهن، جن جي مهن جي دڙي جي عمارتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي. انهن ملڪن ۾ ماڻهن پنهنجو تن، من، ڌن رڳو ديوتائن لاءِ مندرن، ۽ راجائن لاءِ عمدن محلاتن، ۽ مخروطي منارن جوڙڻ تي ٿي لڳايو؛ باقي رواجي ماڻهو مٽيءَ جي جڙيل جاين ۾ رهندا هئا. هرپا ۽ مهن جي دڙي ۾ قصوئي ٻيءَ طرح آهي. اتي به ماڻهن پنهنجي حاڪمن لاءِ عاليشان عمارتون جوڙيون هونديون، جي اڃان ڪين لڌيون آهن، پر پنهنجي رهڻ لاءِ ڪشاديون ۽ هوادار جايون جوڙيندا هئا. اهي هوادار جايون، سنان لاءِ تلاءَ، ڍڪيل موريون وغيره اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته هتي جي ماڻهن پنهنجو گهرو جيوت جهڙي فرحت ۾ ٿي گذاري، تهڙي اُن وقت دنيا ۾ ٻين هنڌ ڪنهن به ڪونه ٿي گذاري.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html}}{{سر جان مارشل: موهن جو دڙو ديباچو، صفحو 6}}}
</ref>