اپيل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
New page: مون کي مون پرين...... ٻڌي وڌو ٻارِ ۾........... تازو ئي جڏهن انساني حقن جو عالمي ڏينهن پئي ملهايو ويو. تڏهن مون ...
 
غير وڪي مواد ختم ڪيو.
ٽيگ: مٽايل
 
سِٽَ 1:
'''اپيل''' ھڪ قاڻوڻي اصطلاح آھي.
 
{{ڪچو}}
مون کي مون پرين...... ٻڌي وڌو ٻارِ ۾...........
 
تازو ئي جڏهن انساني حقن جو عالمي ڏينهن پئي ملهايو ويو. تڏهن مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي حق تلفين ۽ پاڻَ سان ٿيل زيادتين جي دانهن ڪنهن کي ڏيان؟. ڪنهن کي ٻڌايان ته محض دولت جي لالچ ۾ منهنجا رَتُ جا رشتا منهنجي رتُ جا پياسا بڻيل آهن. دولت به ڪنهن ٻئي جي نه، پر منهنجي مرحوم بابا رئيس شرف الدين جاگيراڻيءَ جي آهي، جنهن جو مون کان سواءِ ڪو وارث نه آهي. اهائي منهنجي ملڪيت ، مون لاءِ خطرن جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. اهو گھر، جيڪو منهنجيءَ امڙ پيرجو ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ رات ڏينهن پورهيا ڪري ٺهرايو، جتي مون جنم ورتو، زندگيءَ جا 28 سالَ گذاريا. ان ۾ ويهي شعر لکيا، تنهن ۾ هاڻ مان رهي به نه ٿي سگھان، زندگيءَ ۾ ٻين جا ڏکَ ٻڌي روئي پوندي هيس، پر افسوس هاڻ منهنجن پنهنجن ڏکن جو ڪو داد فرياد نه ٿو ٿئي. بابا ڇا فوت ٿيو، اسان لاءِ زندگي دردناڪ عذاب بڻجي وئي. منهنجا ماٽيلا ماما ۽ بابا جو هڪ سوٽ اسان کي موتَ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. رات جو اسان جي فون جون لائينون ڪاٽيون وينديون هيون، اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ اسان زندگي بچائي ڪراچي آياسين ۽ منهنجن ماٽيلن مامن منهنجي اباڻي گھر ۽ دڪان تي قبضو ڪري ورتو. گھر مان سامان به چوري ڪيو ويو. بابا جي سوٽَ پير ڇتن شاهه بخاريءَ ۾ واقع اسان جي کجين جي باغَ تي زبردستي قبضو ڪري ورتو. چادر بازار پير ڳوٺ ۾ واقع اسان جي پلاٽَ تي هڪ پنجابيءَ کي قبضو ڏئي ويهاريو ويو. انهن سڀني جا ڪاغذات اسان وٽ موجود آهن، پر اسان ڪجھ به نه ڪري سگھياسين. اسان پاڻ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وياسين. سڀ ڪجھ هوندي به اسان بي يارو مددگار ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. اسان جا اباڻا ڪکڙا اسان لاءِ نو گو ايريا بڻيل آهن. ايتري تائين جو ڏاڏيءَ جي وفات تي ان جو منهن ڏسڻ به نه ڏنو ويو. اهي لالچي انسان ملڪيتن جي چڪرَ ۾ اسان کي مارائڻَ جا بهانا پيا ڳولهين. مان انهن جي هٿان بي درديءَ وارو موت قبول نه ٿي ڪرڻ چاهيان ۽ نه هاڻ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ چاهيان ٿي.اسان فقط جيئڻ جو حق ۽ پنهنجي ملڪيت تي حق ـ مالڪيت چاهيون ٿا. پر هي ڪهڙا نه بي حس ماڻهو آهن جو يتيمن جي مٿي تي هٿ رکڻ بدران رهندو سايو ئي کسيو ويٺا آهن. ظالم جا ساٿي ته گھڻا ئي بڻجندا آهن. ڪو مظلومن جو به ساٿ ڏئي. منهنجي زندگيءَ کي انهن ماڻهن مان خطرو آهي، تنهنڪري مان حڪومت ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عدليه کي تحفظ لاءِ اپيل ٿي ڪريان. هتي مان اداڪار امانت مغلَ جا اهي لفظ به ورجائينديس ، جيڪي هن ڪي ٽي اين جي ڏيئو پروگرام ۾ انتهائي درد وچان چيا هيا.” مان اوهان جي بازار ۾ پنهنجا دردَ کڻي آيو آهيان، اوهان خريدار بڻجو ۽ منهنجا دردخريد ڪيو ته جيئن مان پنهنجي لاءِ ڪجھ خوشيون خريد ڪري سگھان“. مان به انصاف لاءِ ٿي ٻاڏايان، مون کي منهنجو حق وٺي ڏيو ۽ زندگيءَ کي تحفظ فراهم ڪريو. ملڪ جي صدر جنرل پرويز مشرف ، سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ اديب ساٿين کي نماڻي التجا ٿي ڪريان ته مون کي گمناميءَ جي اذيتناڪ قيدَ مان ڪڍو، سڪون ۽ سُکَ جي زندگي جيئڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو ۽ تحفظ ڏياريو.
فهميده شرف بلوچ
ڪراچي
03003344036
مe_famee110@yahoo.com