نغارو: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) نئون صفحو: نغارو: نقارو سنڌ ۾ نقاره کي عموماً نغارا چوندا آهن. ماتمي علم لهڻ کان نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن،... ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 1:
نغارو: نقارو
نقارن ۾ ڪل ڇهه تال وڄائيندا آهن، جن مان پهرين ”ياحسين“ وڄائيندا آهن. ”ياحسين جي تال ۾ ڇهه ماترائون ٿيندو آهين، جن جا ٻول هي آهن: ڌا-ڌنا-ڌا- ڪتا. ياحسين کان پوءِ شاه پنجن تنن وڄائيندا آهن. هن تال ۾ به ڇهه ماترائون ٿينديون آهن جن جا ٻول آهن؛ ڌا-ڌنا-تنا- ڪٽ، ان کان پوءِ ”حسن حسن“ وڄائيندا آهن، جنهن تال جون ٻه ماترائون هوندو آهن جن جا ٻول آهن: ڌن-تا، ان کان پوءِ ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن، ٽاهوءِ ۾ پنج ماترائون ٿينديون آهن جا ٻول آهن: ڌنا-ڌا- تان-تان، ٽاهو پڙ جي رخصت ٿيڻ مهل وڄائيندا آهن ۽ آخر ۾ لولي وڄائيندا آهن جنهن جون يارنهن ماترائون ٿينديون آهن. لوليءَ جا ٻول آهن: ڌا-ڌا-ڌي-ڌانا-تڪ-تات-نا-ڌي.
نقاري وڄائڻ وارا پوءِ نغارا وڄائيندي هر تال تي چوٽون ۽ مختلف ٽڪا (ٺيڪا) رکندا آهن. ڏهي جي سڄي ڏينهن پڙهن تي نغارن تي رڱي ”ڊڍ“ وڄائيندا آهن، ۽ پڙ هلندي هلاري ” يا حسين“ يا ”ڊڍ“ وڄائيندا هلندا آهن. ٻهراڙين ۾ ڏهي جي ڏينهن جيڪا ٻانهن تي پِٽ ڪندا آهن انهي تي به ”ڊڍ“ وڄندي آهي ۽ زالون جيڪي پڙ چونديون آهن اُتي به ”ڊڍ“ وڄائينديون آهن.<ref>{ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page16.html}}}
|