اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 7:
<br />
اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. اجرڪ ھر موسم ۾ پھري سگھجي ٿي، اھا اونھاري ۾ ٿڌي ۽ سياري ۾ گرم محسوس ٿيندي آھي. سنڌي ماڻھو اجرڪ جو پٽڪو وڏي شان سان ٻڌندا آھن. اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي ھڪ علامت آھي. اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿي ايئن ان جو استعمال به زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ ته اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي ته ان کي اجرڪ اوڍائي ويندي آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي به اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي به اجرڪ وڌي ويندي آھي.
==اجرڪ سازي==
 
اجرڪ نه رڳو [[سنڌ]] ۽ [[پاڪستان]] ۾ مقبول آھي پر ان جي مقبوليت سنڌ ۽ پاڪستان جون سرحدون ٽپي ڏيساور ۾ به پھچي چڪي آھي. پرڏيھي دوستن کي ڏيڻ لاءِ اجرڪ کان وڌيڪ بھتر ٻي ڪا به سوکڙي نه آھي.
هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ -اوڇڻ- طور پائڻ، ڪُلهن تي ڪرڻ، جسم تي ويڙهڻ، -پٽڪي- يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي. -اجرڪ- سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي. موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا ته -ان- وقت به سنڌ ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي، اها ’ڪَڪَر واري -اجرڪ-‘ جي ’پور‘ واري آهي، جيڪا ڇُر اڄ به هلندڙ آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين -اجرڪ- تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي. -ان- وقت ملاڪاتيار، سعيدپور، -تلهار-، ٽنڊي محمد خان، -ٻهڊمي-، -بدين-، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. -ٺٽي- ۾ ته اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ، سهتن، ڀٽ شاهه، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ -ٽنڊو محمد خان- ٻه اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. -ان- کان سواءِ ڀٽ شاهه ۽ سهتا ۾ به ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ به هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. -ان- کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاهه، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽ -ٺٽي- ۾ به -اجرڪ- سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾ -اجرڪ- جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن: -بيڪانير-، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ به هن وقت -اجرڪ- جو ڪم -جاري- آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ -ٿر- جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’مانجهند‘ شهر ۾ به هڪ پُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنهه ڪونه ٿئي. -اجرڪ- جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي. [[File:Ajrak Craft Natural dye products.jpeg|thumb|350px|centre|Natural dye products used in ajrak craft]]
اجرڪ پنهنجي پورن، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي. لطيف سائين ’پور‘ ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي:
’ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور‘.