ممتاز محل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 38:
==تفصيلي تعارف==
هيءَ نامور شهزادي شاهجهان بادشاهه جي پهرين بيگم هئي، جنهن جي دلفريب حسن ۽ خداداد عقل هن کي ملڪن ۾ مشهور ڪيو، هوءَ نورجهان جي ڀاءُ جي ڌيءُ هئي. هن جي اعليٰ قابليت، عالي دماغيءَ، بلند خياليءَ، شاهاڻي تهذيب ۽ تعليم جي ڪري، بادشاهه مٿس مستانو هو. جيتوڻيڪ شاهجهان جي ٻي بيگم عزيز النساء به ڏاڍي لائق ۽ قابل ۽ حسين هئي، پر جيڪا قدرتي خوبي خدا هِن ۾ رکي هئي، سان هُن ۾ ڪانه هئي. هوءَ خليق ۽ تحمل واري هئي، ۽ مشڪل مشڪل ڪمن ۾ مشاورت ڪرڻ مهل بادشاهه کي اهڙي پڪي راءِ ڏيندي هئي، جا تمام چڱي ۽ فائدي واري ثابت ٿيندي هئي. هوءَ خير ڪندڙ ۽ فيض واري به ڏاڍي هئي، پنهنجي دولت هوءَ غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن تي خرچيندي هئي، جي هميشه سندس پاڇي هيٺ رهي کيس دعائون پيدا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري، سندس عزيز خويش سڀ مٿانئس ساهه قربان پيا ڪندا هئا. هن جي سخاوت جو هڪڙو مثال هي آهي، ته جڏهن شاهجهان تخت تي ويٺو، تڏهن هُن خوشيءَ ۾ ٻه لک رپيا هن بيگم کي انعام ڏنا، ۽ هن انهيءَ وقت بادشاهه جي مٿان اُهي گهمائي، صدقو ڪري، فقيرن ۽ محتاجن کي ڏيئي ڇڏيا. ٻين وقتن تي به ”اڪثر هوءَ ائين ڪندي هئي، ۽ انهيءَ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيس. هن کي رواجي خرچ لاءِ سورنهن لک رپيا ملندا هئا، ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪي بادشاهه کان عطا ٿيندو هوس، ته به جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس خانگي خزاني ۾ ڪي به ڪين رهيو. سڀ پنهنجي جيئري ئي خيرات ڪري ڇڏيائين. اهڙن نيڪ اخلاقن ڪري بادشاهه مٿس قربان هوندو هو، ۽ هن بيگم جو گهر ۾ هئڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندو هو.
هيءَ بيگم محل سراءِ ۾ بلڪل آزاد رهندي هئي، جيڪي وڻندو هوس، سو ڪندي هئي. بادشاهه جو مٿس اهڙو اعتبار هو، جو ڪنهن به قسم جو گمان منجهس نه پوندو هوس. هن کي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو گهڻو شوق هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ”ديوان“ پڙهڻ ۾ محو هئي، ۽ بيخود ٿي هڪڙو شعر وري وري پئي پڙهيائين، ته شاهجهان پٺيان اچي بيهي رهيو. بلڪه سڏ به ڪيائينس، ته به نه ٻڌائين. جڏهن سامهون آيس، تڏهن ڇرڪ ڀري ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. هن بانوءَ جو وقت اڪثر خانه داري جو انتظام، بادشاهه جي خدمت، ۽ شهزادن ۽ شهزادين جي تربيت ۽ تعليم ۾ گذرندو هو. هن بيگم جي نسبت ۾ ڪن تاريخ لکندڙن _ خاص يورپين _ ڪي اهڙيون نامناسب ڳالهيون لکيون آهن، جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هنن رڳيون واهيات خبرون لکيون آهن، نه ته هيءَ بيگم هر طرح عقلمند ۽ قابل هئي. هن مان شاهجهان کي چوڏهن ٻار ڄاوا. جيڪي جيئرا رهيا، تن مان چار نامور شهزادا هئا، جن جا نالا هي آهن. داراشڪوه، شاهه شجاع، مراد مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير، ٽي شهزاديون به ٿيس، جن جا نالا هي آهن. انجمن آرا، گيتي آرا ۽ جهان آرا، هيءَ راڻي ايڪيهه ورهيه بادشاهه سان گڏ رهي. هن سنه 1040هه (1630ع) ۾، ذوالقعد جي 17 تاريخ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هن بادشاهه سان اهڙي درد ڀري ۽ اثرناڪ گفتگو ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه جي دل ڪباب ٿيو ٿي ويئي. بيگم جي مرڻ ڪري، بادشاهه جو حال تمام غمزده ٿي پيو، سڀ خوشي ڇڏي ڏنائين ۽ هميشہ تائين هن جي يادگيري ڪندو رهيو. هن جي محبت جي هيءَ به هڪڙي نشاني آهي، جو هن ”ممتاز محل“ تي اهڙو هڪڙو قبو جوڙايو، جو اڄ تائين ”تاج محل“ نالي سان ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي.
[[File:TajMahalbyAmalMongia.jpg|thumb|تاج محل شاھجھان ۽ ممتاز محل جي آخري آرامگاھ جيڪا يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل جاء آهي.]]

لفظ ”تاج محل“ به ”ممتاز محل“ مان نڪتل ٿو ڏسجي. انهيءَ تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيا، ۽ ٻارهن ورهيه انهيءَ تي ڪم هليو. انهيءَ سان لاڳو دڪان ۽ ٻيون جايون به جوڙايون ويون، جن مان ٻه لک رپيا پيدائش ٿيندي هئي.<ref>{ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page16.html}}}
</ref>
[[File:Cenotaph of Shah Jahan.jpg|thumbnail|right|ممتاز محل جي قبر]]