ممتاز محل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox royalty |consort = yes |name = Mumtaz Mahal مُمتاز محَل |title = |image = Portrait of Mumtaz Mahal (Arjumand Banu Begum).jpg |...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 40:
هيءَ بيگم محل سراءِ ۾ بلڪل آزاد رهندي هئي، جيڪي وڻندو هوس، سو ڪندي هئي. بادشاهه جو مٿس اهڙو اعتبار هو، جو ڪنهن به قسم جو گمان منجهس نه پوندو هوس. هن کي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو گهڻو شوق هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ”ديوان“ پڙهڻ ۾ محو هئي، ۽ بيخود ٿي هڪڙو شعر وري وري پئي پڙهيائين، ته شاهجهان پٺيان اچي بيهي رهيو. بلڪه سڏ به ڪيائينس، ته به نه ٻڌائين. جڏهن سامهون آيس، تڏهن ڇرڪ ڀري ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. هن بانوءَ جو وقت اڪثر خانه داري جو انتظام، بادشاهه جي خدمت، ۽ شهزادن ۽ شهزادين جي تربيت ۽ تعليم ۾ گذرندو هو. هن بيگم جي نسبت ۾ ڪن تاريخ لکندڙن _ خاص يورپين _ ڪي اهڙيون نامناسب ڳالهيون لکيون آهن، جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هنن رڳيون واهيات خبرون لکيون آهن، نه ته هيءَ بيگم هر طرح عقلمند ۽ قابل هئي. هن مان شاهجهان کي چوڏهن ٻار ڄاوا. جيڪي جيئرا رهيا، تن مان چار نامور شهزادا هئا، جن جا نالا هي آهن. داراشڪوه، شاهه شجاع، مراد مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير، ٽي شهزاديون به ٿيس، جن جا نالا هي آهن. انجمن آرا، گيتي آرا ۽ جهان آرا، هيءَ راڻي ايڪيهه ورهيه بادشاهه سان گڏ رهي. هن سنه 1040هه (1630ع) ۾، ذوالقعد جي 17 تاريخ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هن بادشاهه سان اهڙي درد ڀري ۽ اثرناڪ گفتگو ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه جي دل ڪباب ٿيو ٿي ويئي. بيگم جي مرڻ ڪري، بادشاهه جو حال تمام غمزده ٿي پيو، سڀ خوشي ڇڏي ڏنائين ۽ هميشہ تائين هن جي يادگيري ڪندو رهيو. هن جي محبت جي هيءَ به هڪڙي نشاني آهي، جو هن ”ممتاز محل“ تي اهڙو هڪڙو قبو جوڙايو، جو اڄ تائين ”تاج محل“ نالي سان ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. لفظ ”تاج محل“ به ”ممتاز محل“ مان نڪتل ٿو ڏسجي. انهيءَ تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيا، ۽ ٻارهن ورهيه انهيءَ تي ڪم هليو. انهيءَ سان لاڳو دڪان ۽ ٻيون جايون به جوڙايون ويون، جن مان ٻه لک رپيا پيدائش ٿيندي هئي.<ref>{ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page16.html}}}
</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}