ميران: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڀارتي ناري شاعر
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox religious biography |religion = ھندوازم |name = ميران <br>ميران ٻائي<br>ميرا |other_names = {{ubl|ميران ٻائي|ميرا|ميرا با...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 19:11, 4 مَئي 2018ع


ميرا ٻائي : ميران: ميرا،:میرابائی:Meera:Meera Bai: Mirabai:[2] ھڪ صوفي شاعر ھئي

ميران
ميران ٻائي
ميرا

ميران جي پينٽنگ
مذھب ھندوازم
ذاتي وضاحت
جنم 1498 CE[1]ڪرڪي، ضلعو پالي،راجھستان،جوڌپور رياست
موت دوارڪا، مغل ايمپائر 1546 عيسويءَ ۾ تقريبن 47 يا 48 سالن جي عمر ۾. [1]

تفصيلي تعارف

 
راجھستان جي شھر چتورڳڙھ جي قلعي ۾ ميران جو ڪرشن وارو مندر

ڀارت جي ڌرتيءَ ڄائي. جيڪا سچي ڀڳتين ۽ ڌرم جي پوڄارڻ ميران ٻائي ٿي گذري آھي. سندس جنم اٽڪل 1504ع ۾ نيرٺ ۾ ٿيو، جو شھر بيڪانير جوڌپور جي وچ ۾ آھي. سندس پتا رتن سنگھ مارواڙ جي راٺوڙ حاڪمن جي نسل مان ھو.[3] جوان ٿي تہ ميوا رام جي راجڪمار ڀوڄراڄ سان مڱايائونس جنھن سان سندس شادي ٿي.[4] سن 1516 عيسويءَ ۾ ميوار جي شھزادي ڀوڄراج سان ھن جي شادي ھن جي مرضيءَ خلاف ٿي ھئي..[5][6] ميران جو مڙس 1518 ۾ دھليء جي سلطنت سان ٿيل جنگ دوران زخمي ٿي پيو ھو ۽ انھن زخمن جي ڪري 1521 ۾ فوت ٿي ويو.ڪجھ سالن بعد ھن جو پيءُ ۽ سھرو وڪرم سنگھ بہ دھلي سلطنت سان ٿيل ھڪ جنگ ۾ مارجي ويا. .[7][8] ميران سان وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي غلط روايتون منصوب ٿي ويون جن ھڪ شھنشاھ اڪبر ۽ تان سين جي ساڻس ملاقات به ھڪ آهي. پر حقيقت اها آهي تہ ميران جي وفات کان پندرهن سالن بعد تان سين اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ شامل ٿيو.[5] ھڪ روايت مطابق ھيء گرو روي داس جي شاگرد ۽ مريد ھئي ۽ کيس ديوتس، گرڌر ۽ روحاني مڙس سڏيندي هئي . پر اھڙي ڪابہ شھادت تاريخ ۾ موجود ناهي .اصل ۾ ٻئي ھم عصر نہ ھيا ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ سؤ سالن جي عرصي کان بنهه وڌيڪ جو فرق آهي.[5]

 
پينٽنگ ۾ ڪرشن ۽ ان جي ديومالائي محبوبہ راڌا ڏيکاريل آھن جن جي محبت جو ذڪر ميران جي شاعري ۾ ڪثرت سان ٿيل آهي.[9]

ھن جي شاعري جو موضوع ڪرشن آهي جيڪو ھڪ يوڳي آهي ۽ ھيء پاڻ وري يوڳڻ جيڪا ان سان ھڪ روحاني رشتو رکندڙ آهي. ھن جي شاعري کي ڀڄن چيو ويندو آهي. گرو گوبند سنگھ پنھنجي ڪتاب پريم امبوڌ پوٿي ۾ ميرا کي سک ازم جي 16 ڀڳتي صوفين ۾ شمار ڪندي ان جي شاعري کي پنھنجي ان ڪتاب ۾ شامل ڪيو. [10]

  1. 1.0 1.1 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 1-15
  2. "Mira Bai". Encyclopædia Britannica. 
  3. {رسالو: سرتيون؛مضمون: ميران ٻائي؛از: فتح چند مينگهراج آڏواڻي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. {رسالو: سرتيون؛مضمون: ميران ٻائي؛از: فتح چند مينگهراج آڏواڻي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  5. 5.0 5.1 5.2 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 12-13
  6. Nancy Martin-Kershaw (2014), Faces of the Feminine in Ancient, Medieval, and Modern India (Editor: Mandakranta Bose), Oxford University Press, ISBN 978-0195352771, page 165
  7. David Kinsley (1997), Tradition and Modernity in Bhakti Movements (Editor: J Lele), Brill Academic, ISBN 978-9004063709, pages 88-89
  8. SR Bakshi (2002), Mirabai: Saints of India, Criterion, ISBN 978-8179380239, pages 42-45, 282-283
  9. Edwin Bryant (2007), Krishna: A Sourcebook, Oxford University Press, ISBN 978-0195148923, page 244
  10. JS Hawley and GS Mann (2014), Culture and Circulation: Literature in Motion in Early Modern India (Editors: Thomas De Bruijn and Allison Busch), Brill Academic, ISBN 978-9004264472, pages 113-136