"ايلسا قاضي" جي ورجائن ۾ تفاوت

608 بائيٽون واڌ ،  1 سال پهرين
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
وفات کان ڪجھ سال اڳ ھن جو شاعريءَ جو آخري مجموعو “Departure of Disguisted cocscience” ”ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ “Neem Tree” تعليم نصاب ۾ شامل آھن. جڏھن ته ھن مير علي نواز ناز جي شاعريءَ کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نه رڳو ھن پڙھيو پر ھينئن سان ھنڊئي ان جا ترجما پڻ ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپرايل اھو انگريزيءَ وارو لطيف سائينءَ جو ترجمو Resalo of Shah abdul lateef آھي. پر سندس انگريزيءَ شاعريءَ ۽ ناول جا ترجما ٿيڻ کان رھجي ويا. جيڪر اھي ترجما سنڌيءَ ۾ ٿين ھا ته سندس شاعريءَ جي وڏي ڪينواس، سندس فطرت جي نرمائي ۽ حساسيت کي عام ماڻھو وڌيڪ سمجھي سگھي ھا. ان ريت سندس ٺاھيل شاھڪار چتر، تاريخ جي ڪھڙي ڪٻاڙخاني ۾ رھجي ويا، ان جي به ڳولا ٿيڻ گھرجي.<ref name="autogenerated1" />سيد امداد محمد شاھ، سائين جي. ايم. سيد جو ننڍو پٽ جنھن جو نالو پڻ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي شخصيت کان متاثر ٿي سائينءَ پنھنجي پٽ تي رکيو. اھو ننڍڙو سيد امداد محمد شاھ علامه. آءِ. آءِ. قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضيءَ جي گھر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ رھندو ھو. ساڻس گڏ بلوچستان جو ناميارو ليڊر اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي شاگرد رھندا ھئا. سندن يادگيريون ٻڌائن ٿيون ته: ”امڙ ايلسا قاضي ھڪ استاد کان وڌيڪ ھڪ ٻاجھاري ماءُ وانگر سندن خيال ڪندي ھئي.“ ھو روزانو رات جو ٻارن کي Comics آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، جيڪي تمام ڊگھيون ۽ ڪيترن ھفتن تائين ھڪ ڪھاڻي جاري رھندي ھئي. امڙ ايلسا قاضي ٻارن کان پڇڻ ۽ سندن ياد ڏيارڻ کان سواءِ ڪھاڻي اتان کڻندي ھئي، جتي ھڪ رات اڳ ھُن ڇڏي ھئي. سائين جي. ايم. سيد امڙ ايلسا قاضيءَ بابت ٻڌايو ھو ته وڏي آرٽسٽ ھئي، ”پنھنجي آرٽ ماڊل کي ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامھون ويھاري، ھن جو چتر ٺاھندي ھئي، ”ھن جي آرٽ ي خزاني ۾ لطيف سائينءَ جي سورمين مان ”مارئيءَ کي عمر ڪوٽ مان وطن ڏانھن واجھائيندي ڏسڻ وارو پورٽريٽ“، سھڻيءَ کي گھڙو کڻي مھراڻ ۾ لھڻ وارو پورٽريٽ“ ۽ ٻيا ڪيترائي انيڪ پورٽريٽ ھئا، جيڪي الائي ڪٿي وقت جي بي رحم ھٿن ۾ گم ٿي ويا. ميڊم تنوير جوڻيجو منھنجي ڀاءُ عبدالحفيظ قريشيءَ جي امڙ ايلسا قاضيءَ جي پورٽريٽس کي ڏسندي چيو ھو ته اھڙا ڪيترائي چتر امڙ ايلسا جي گھر ۾ لڳل ھوندا ھئا. اسين پنھنجي ويجھي ماضيءَ کي محفوظ ڪري سگھيا آھيون؟ اھو سوال رڳو تاريخ جي اڀياس ڪندڙن لاءِ ناھي پر اھو سوال سنڌ جي ھر باشعور انسان لاءِ جيڪو ڌرتيءَ جو درد رکي ٿو. امڙ ايلسا جي شاعريءَ وانگر ھن جي چترن ۾ پڻ اوڀر ۽ اولھ جي فني لاڙن جو سنگم چٽو نظر ايندو.
ھُن ھڪ ڀيرو پاٽ شريف کان واپس موٽندي سنڌونديءَ کي سن وٽان سانوڻيءَ ۾ ڀرپور وھندي ڏٺو ھو، جڏھن نئين سن ۽ نئين رني ٻئي لڏنديون لمنديون سن وٽان گھٽ ڏئي سنڌوءَ سان ڀاڪرين پئجي رھيون ھيون، تڏھن علامه آءِ. آءِ قاضي کيس انھيءَ نظاري کي ڏيکاريندي ٻڌايو ھو ته: اھو جي. ايم. سيد جو ڳوٺ آھي. تڏھن ٻنھي سن ۾ سيد جي رٿيل ھڪ علمي مرڪزي ”سنڌو وديا ڀون“ قائم ڪرڻ واري رٿا کي ياد ڪيو ۽ ھن جي. ايم. سيد کي انھيءَ جڳھ تي ھن آدرشي علمي مرڪز جي قائم ڪرڻ واري رٿ کي ساراھيو ۽ پنھنجون خدمتون بنان ڪنھن اجوري جي آڇيون. قدرت ڪجھ عرصي کان پوءِ ھنن ٽنھي جي انھيءَ آدرشي علمي مرڪز واري خواب جي ساڀيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ واري وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ عملي شڪل ۾ مڪمل ٿي<ref name="autogenerated1" />. واشنگٽن يونيورسٽي لائبريري سندس ٻن ڪتابن ٽيمپٽيشن(سنڌ جي ٻھراڙي واري زندگي تي لکيل ڊرامو جيڪو 1942 ۾ شايع ٿيو) قابل قدر ڪتابن ۾ شامل ڪيو آھي . <ref>{{cite web|title=South Asian Literature in English, pre-Independence era |url=http://www.lib.washington.edu/subject/southasia/guides/pre1947.html |publisher=lib.washington.edu |deadurl=yes |archiveurl=https://www.webcitation.org/5hYTj94FD?url=http://www.lib.washington.edu/subject/SouthAsia/guides/pre1947.html |archivedate=15 June 2009 |df= }}</ref>
 
== ''وفات'' ==
27,121

سنوارون