ايلسا قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Shuaib-bot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ |
||
سِٽَ 22:
==علامہ آء آء قاضي سان شادي==
ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.<ref name="autogenerated1">{رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref>
==خدمتون==
سِٽَ 30:
1952ع ۾ ھن جي شاعريءَ جو مجموعو “TERRESTRIAL AND CELESTIAL ECHOES” پڌرو ٿيو جنھن ۾ 2400 شاھڪار نظم آھن.
وفات کان ڪجھ سال اڳ ھن جو شاعريءَ جو آخري مجموعو “Departure of Disguisted cocscience” ”ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ “Neem Tree” تعليم نصاب ۾ شامل آھن. جڏھن ته ھن مير علي نواز ناز جي شاعريءَ کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نه رڳو ھن پڙھيو پر ھينئن سان ھنڊئي ان جا ترجما پڻ ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپرايل اھو انگريزيءَ وارو لطيف سائينءَ جو ترجمو Resalo of Shah abdul lateef آھي. پر سندس انگريزيءَ شاعريءَ ۽ ناول جا ترجما ٿيڻ کان رھجي ويا. جيڪر اھي ترجما سنڌيءَ ۾ ٿين ھا ته سندس شاعريءَ جي وڏي ڪينواس، سندس فطرت جي نرمائي ۽ حساسيت کي عام ماڻھو وڌيڪ سمجھي سگھي ھا. ان ريت سندس ٺاھيل شاھڪار چتر، تاريخ جي ڪھڙي ڪٻاڙخاني ۾ رھجي ويا، ان جي به ڳولا ٿيڻ گھرجي.<ref
ھُن ھڪ ڀيرو پاٽ شريف کان واپس موٽندي سنڌونديءَ کي سن وٽان سانوڻيءَ ۾ ڀرپور وھندي ڏٺو ھو، جڏھن نئين سن ۽ نئين رني ٻئي لڏنديون لمنديون سن وٽان گھٽ ڏئي سنڌوءَ سان ڀاڪرين پئجي رھيون ھيون، تڏھن علامه آءِ. آءِ قاضي کيس انھيءَ نظاري کي ڏيکاريندي ٻڌايو ھو ته: اھو جي. ايم. سيد جو ڳوٺ آھي. تڏھن ٻنھي سن ۾ سيد جي رٿيل ھڪ علمي مرڪزي ”سنڌو وديا ڀون“ قائم ڪرڻ واري رٿا کي ياد ڪيو ۽ ھن جي. ايم. سيد کي انھيءَ جڳھ تي ھن آدرشي علمي مرڪز جي قائم ڪرڻ واري رٿ کي ساراھيو ۽ پنھنجون خدمتون بنان ڪنھن اجوري جي آڇيون. قدرت ڪجھ عرصي کان پوءِ ھنن ٽنھي جي انھيءَ آدرشي علمي مرڪز واري خواب جي ساڀيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ واري وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ عملي شڪل ۾ مڪمل ٿي<ref
== ''وفات'' ==
|