مقالو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: مقالو __(Treatise): مقالو ڪنهن به موضوع تي طويل مضمون هوندو آهي، جنهن ۾ موضوع بابت کوجنا ۽ حتمي دليل، ح...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:43, 19 اپريل 2018ع

مقالو __(Treatise):

مقالو ڪنهن به موضوع تي طويل مضمون هوندو آهي، جنهن ۾ موضوع بابت کوجنا ۽ حتمي دليل، حوالن سان شامل هوندا آهن. عمومي طور مضمون ۽ مقالي ۾ فرق نه سمجھيو ويندو آھي ۽ ٻنھي صنفن کي ھڪ ئي ڀانيو ويندو آھي، ليڪن بنيادي طور مضمون ۽ مقالو ٻه جدا شيون آھن، مضمون لکڻ لاءِ ايتري تحقيق ڪانه ڪبي آھي مگر مقالو تحقيقي آھي، ان ۾ حاصل ڪيل حوالن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، ڪنھن نتيجي تي پھچبو آھي، مقالي لاءِ صفحن جو قيد نه هوندو آهي. [1]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي