کاٻي ڌر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
کاٻي ڌر يا ليفٽ (The left) عام طور سياسي ماهرن وٽ کاٻي ڌرجو ذڪر اشتراڪي نظريئي جي حوالي سان اچي ٿو. پر حقيقت ۾ 1789ع واري فرانسيسي انقلاب کانپوءِ هن اصطلاح زور وٺڻ شروع ڪيو. فرانس جي اعليٰ اختياراتي اداري ”ايسٽيٽ جنرل“ (جنهن جي حيثيت پارليامينٽ جي برابر هئي) جي اجلاس ۾، رڪنن جي ويهڻ جو انتظام اهڙي طرح ڪيو ويو، جو بادشاهه جي حمايتين کي ساڄي هٿ ۽ مخالفن کي کاٻي هٿ تي ويهاريو. جنهن کان پوءِ اهو اصطلاح مشهور ٿيو. کاٻي هٿ تي ويٺل ميمبر انقلاب جا حمايتي ۽ ترقي پسند سوچ رکڻ وارا هئا ۽ ساڄي هٿ تي ويهڻ وارا بادشاهي راڄ واري روايتي سوچ جا حامي هئا. هاڻوڪي دور ۾ ان اصطلاح هيٺ، ڪا به ڌُر ڪنهن به سياسي نظام ۾ اهڙن حلقن جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪي سماجي تبديليءَ جي ذريعي وڌيڪ مُهذب ۽ انسان دوست سماجي ۽ سياسي سرشتي جي بحاليءَ تي زور ڏين ٿا. مُختلف فڪري نظرين ۽ روين جي هيٺ هُئڻ ڪري، ”کاٻي ڌر“ جا مُختلف قسم آهن. منجهائن ڪي بلڪل ڪٽر، ڪي وچٿرا، ته ڪي وري اولهه جي جمهوري نظام جي بلڪل ابتڙ/ ويجهو آهن.
<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Left.php Left | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref>”کاٻي ڌر جا“ دراصل سياسي حقن جي جدوجهد جو اصطلاح آهي، جيڪو سجاڳيءَ واري دور ۾ يورپ ۾ شروع ٿيو. کاٻي ڌر وارا عام طرح لبرل ۽ روشن خيال فڪر جا مالڪ هئڻ سان گڏ حڪومت نواز ڌرين ۽ رجعت پسندن جا مخالف هئا، جيڪي مذهبي تنگدلي ۽ رجعت پسند خيالن جي ڪري ترقيءَ جا مخالف هئا. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادب ۾ترقي پسند لاڙي زور ورتو ته سنڌي اديب واضح طور ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا ساڄي ڌر وارا اديب ته ٻيا کاٻي ڌر وارا اديب هئا. کاٻي ڌر وارا اديب ترقي پسند ۽ انقلابي سوچ وارا ۽ مروج نظام کي بدلائڻ جا حامي هئا، هو سنڌ جي صوفي شاعرن جي انقلابي تصوف جا به حامي هئا، ۽ روشن خيال، سيڪيولر قدرن جي نمائندگي ڪندا رهيا آهن. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.
<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Left.php Left | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==حوالا==