ڪھاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ڪهاڻي، سڀ کان زياده، زندگيءَ جي عميق راز جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي. سڀ کان وڌيڪ معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي وهڪري کي تيز ڪري ٿي، سڀ کان زياده [[انسانيت]] جي سچي تصوير ڪڍي ٿي. ڇا لاءِ ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾، هر طرح هي نقش نگاريءَ کي سمائي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت جي آميزش، [[زمان ۽ مڪان]] جو ڀرپور احساس، انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي مقصدن جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه ملندي. اهوئي سبب آهي جو افساني ۾ هر دور جي زندگيءَ ۽ طرز معاشرت جو عڪس رهجي وڃي ٿو، جو نه رڳو ’[[ادبيات]]‘ جو، پر تمدني قدرن جو اهم ترين جزو پڻ بڻجي وڃي ٿو.<ref>پراڻي ڊائريءَ جو ھڪ ورق-سيد احتشام حسن؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:[[سنڌي ادبي بورڊ]]؛ 1962ع</ref>ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ ۾ مختصر ۽ افسانو به چيو ويندو آهي. ڪهاڻي انساني مسئلن، جذبن، محبت، نفرتن ۽ خواهشن جي مختصر ڪهاڻي آهي. (وڌيڪ ڏسو: [[افسانو]]).<ref name="autogenerated1">.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.
 
==پلاٽ بغير ڪهاڻي==
(Plotless Story):
ڪيترن [[نقاد|نقادن]] جي راءِ آهي ته [[رٿا|پلاٽ]] کانسواءِ ڪهاڻي ڪجهه به نه آهي، ڇو ته پلاٽ ڪهاڻيءَ جي جان هوندو آهي. باقي جزا ضمني حيثيت رکندا آهن. پر [[جديد ادب]] ۾ نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا آهن. [[انڊيا|ڀارت]] جي جديد اديبن ڪهاڻيءَ جي هڪ قسم کي ’ [[اَڪهاڻي]]‘ سڏيو آهي. ’اَڪهاڻي‘ ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي. اهڙي ڪهاڻي، رٿا (Plot) کانسواءِ لکي وڃي ٿِي. [[امر جليل]] جي لفظن ۾ ”اهڙا افسانا، خيالن جي ڪڙيءَ ۾ ڪڙي Association of thoughts جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. پلاٽ ليس افسانو ويهين صديءَ جي [[ايجاد]] آهي جنهن جا علمبردار، [[ارنيسٽ هيمنگوي]] (1899-1961)، [[وليم سرويان]] (1908-1981)، [[ارسڪن ڪالڊ ويل]] (1903987ع)، [[البرٽو]] وغيره آهن. سنڌي ۾ [[آنند کيماڻي]]، [[لعل پشپ]]، [[وشنو ڀاٽيا]]، [[منير ماڻڪ]]، [[نسيم پارس گاد]]، [[مشتاق شوري]] ۽ ڪن ٻين اَڪهاڻيون لکيون آهن. <ref name="autogenerated1">.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
==تاريخي ڪهاڻيون==
سِٽَ 39:
==ڪرداري ڪهاڻيون ==
 
(Character Stories):هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي تاثر ڪنهن ڪردار جي خوصوصيت سان چٽو ڪيو ويندو آهي. .<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحنname="autogenerated1" جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.
 
== حوالا ==