ھيرڻ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 11:
 
 
'''هيرڻ''' هن کي هندستانيءَ ۾ [[ايرنڊي]] ۽ انگريزيءَ ۾ ڪاسئر آئل پلانٽ يا پاماڪرسٽاءِ چون ٿا، ڪتابي نالو اٿس رائسينس. هي موچارو وڻ ٿو ٿئي؛ جتي ڪٿي پيدا ٿئي ٿو. پن ساوا وڏا ۽ سهڻا کهنبا گل ٿا ٿينس. باغ ۾ خالي پيل ٽڪر تي چڱو ٺهندو. ڪٿي ته ٻنين ۾ به پوکيندا آهن. هن جو ٻج وڏو ۽ سهڻو ٿو ٿئي، منجهانئس پيڙي تيل به ڪڍندا آهن. منجهس جلاب جو اثر رهي ٿو. اهو ٻج پوکڻ سان پيدا ٿيندو آهي<ref name="autogenerated1">ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref> هيرڻ ٿر ۾ هڪ سائيدار درخت سمجهيو وڃي ٿي ۽ ان کي چاهه سان پوکي ان جي پرورش ڪئي وڃي ٿي.
 
ٿر واري ڀاڱي ۾ ٻه- ٽي هيرڻ جا وڻ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن تڙ تي پوکيل نظر انداز ايندا آهن. جتي مسافر تڙ تان پاڻيءَ ڍڪ پي، انهن جا ڇانو ۾ گهڙي کن ساهي پٽيندا آهي. پارڪر واري ڀاڱي ڏي ته هيرن جي باقاعدي پوک ٿئي ٿي. ايرنڊن جي فصل مان اتي جا ماڻهو اٽڪل چار دفعا ايرنڊن جا ڏينا ڪڍن ٿا، پوءِ انهن کي سڪائي ڪٽي ڳاهي خرارن جي انداز ۾ هيرڻ جون ککيون ڪڍي گجرات سان واپار ڪن ٿا. ايرنڊن جي پوک مان پارڪرين کي نهايت سٺي پيدائش آهي. پارڪر جا ڪولهي ايرنڊن جي فصل جا ماهر ليکيا ويندا آهن.<ref>ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: [[محمد اسماعيل عرساڻي]]؛ ايڊيشن: ۱۹۷۶؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو</ref>
 
==قسم==
هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي چيني هيرڻ چون ٿا، جو ڳاڙها ۽ پيلا گل ڪندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪورل پلانٽ يا فزڪ نٽ چوندا اٿس. هن جو ٻج ٻيرن جي داڻن جهڙو ٿيندو آهي. ٻيو به هڪڙو قسم اٿس، جنهن کي مغلي هيرڻ چوندا آهن. هن جو انگريزي ڪتابي نالو جاٽر وفا آهي. هيرڻ يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.<ref>ڪتاب: باغname="autogenerated1" ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
 
== حوالا ==