رسالو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''رسالو'''_(_Treatise ) ڪن اهم مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندو آهي، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکبو آهي.جيئن ته مشهور فارسي لغت ”غياث اللغات“ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيره جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسي ۾ جام لکيا ويا آهن. فارسي ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتابن کي به رسالو چيو ويو آهي. حضرت ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي مريد خاص ۽ شاهجهان، ان جي ڌيءَ جهان آرا ۽ پياري ،پٽ دارا شڪوه جي مرشد ملا شاهه بدخشي جي مثنوين کي ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن ته ”رساله حمد و نعت“ ، ”رساله ولوله“ ۽ ”رساله نسبت“ . ڪن رسالن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويندو آهي. سنڌي ۽ اردو ۾ ماهوار ميگزين کي رسالو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ان ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کان سواءِ شاعرن جو ڪلام به هوندو آهي. محترم [[نبي بخش خان بلوچ|ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ]] جهڙي محقق ۽ عالم به شاهه عبداللطيف ۽ لطف الله قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اهڙن رسالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر خبر نه ٿي پوي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام کي رسالي جو نالو ڪڏهن کان وٺي ڏنو ويو آهي ۽ پهريون رسالو ڪنهن ۽ ڪڏهن گڏ ڪيو هو.
 
سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ”رسالي“ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي ته ان جي هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آهن. ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي رسالو نه چيو ويو آهي. سنڌي رسالي جي ترتيب نهايت سهڻي ۽ مڪمل آهي. رسالي جي انهيءَ ترتيب جي جاچ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته اهڙو سهڻو انداز ۽ نئين ترتيب اک ڇنب ۾ پيدا نه ٿي هوندي، ان جو ضرور ڪو پس منظر هوندو، ڪا تاريخ هوندي. هن مختصر مضمون جو مقصد انهيءَ پس منظر جي ڳولا آهي.
سِٽَ 12:
 
شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن. رڳو علامه آءِ - آءِ- قاضي مرحوم جو مرتب ڪيل رسالو اُڻٽيهن (29) سُرن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ڪن صاحبن وٽ اختلافي ٿي پيو آهي. جھُونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ ٻٽيهه (32) کان (36) تائين سُرن جا نالا ملن ٿا ، پر ٽيهن کان مٿي وارا سُر الحاقي آهن. اهي سُر شاهه سائين جا چيل ڪونهن. انهن ۾ ٻين شاعرن جو اهڙو ڪلام آهي، جو شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو. البت ٻين شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو تعداد شاهه سائين جي رسالي جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي.<ref> سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو </ref>بنيادي طرح ’رسالو‘ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”پيغام، سنيهو يا نياپو“. اهو ڪتاب، جنهن ۾ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪلام هوندو آهي، ان کي به ’رسالو‘ چوندا آهن<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
 
==ميگزين==
رسالو __(Magazine)؛
 
مختلف ليکڪن جي لکڻين کي گڏي ڇپايل ڪتاب کي ”رسالو” ڇيو ويندو آهي. رسالن جا مختلف قسم آهن. جيئن هفتيوار رسالا، پندرهن روزه رسالا، ٽماهي رسالا يا ساليانا رسالا وغيره. انگريزن جي دؤر۾ ’رسالي‘ لفظ سنڌي ادب ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ جو شاهه لطيف کي جواب ”رساله اويسيه“ نئين معنيٰ ورتي، يعني ادبي ، سياسي، سماجي، فنون لطيفه ۽ فلمي دنيا جي مختلف موضوعن تي مبني شعر ۽ نثر جي ترتيب کي پڻ رسالو سڏيو ويو. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
 
 
== حوالا ==